Thursday , March 28 2024

ڪرپشن ۾ ملوث 130 پوليس اهلڪار جبري رٽائرڊ، 19 آفيسرز کي نوڪرين مان نيڪالي

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ پوليس جي ڪرپٽ پوليس آفيسرز ۽ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا ڪرپشن ۽ ڏوهن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيل عملي ڪارروائي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڪرپشن ۽ ڏوهارين جي ساٿاري هجڻ سميت ٻين غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن مان 19 ڄڻن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏئي 130 آفيسرز ۽ اهلڪارن کي وقت کان اڳ رٽائر ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڏوهاري ڪاررواين ۾ ملوث پوليس اهلڪارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي سنڌ پوليس طرفان عدالت ۾ پوليس آفيسرن خلاف ڪيل ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جبري رٽائر ڪيل 130 ۽ برطرف ڪيل 19 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان ڪارروائي ۾ ڪنهن سان ڪو به امتيازي سلوڪ ناهي ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ جبري رٽائر ڪيل ۽ برطرف ڪيلن جا نالا به ڄاڻايا ويا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اڳوڻي ڊي آءِ جي ٽريننگ شهاب مظهر پلي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي اعتزاز احسن گورايا، اڳوڻي ايس پي غلام نبي ڪيريو، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي ناڻو سيد فدا حسين شاهه، ايس پي سيد سلمان حسين، ايس ايس پي غلام اظفر مهيسر، اڳوڻي ايس پي امجد شيخ، اڳوڻي ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي ۽ ايس پي عمر طفيل جي خلاف انڪوائري جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سروسز اينڊ جنرل اينڊ منسٽريشن ڊپارٽمينٽ، ايف آءِ اي سميت ٻين ادارن جا اعليٰ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب وزير اعظم انسپيڪشن ٽيم جي سينيئر ميمبر محمد سليم معاون جي لاءِ مقرر ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي جي ايف آءِ اي محمد املش کي غلام حيدر جمالي ۽ شهاب مظهر پلي جي خلاف انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪوئيٽا زبير محمود کي اعتراز احسن گورايا ۽ سيد فدا حسين سميت ٻين جي لاءِ انڪوائري آفيسر مقررڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي آءِ جي عمران يعقوب معاون جي لاءِ مقرر ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزارت ماحولياتي تبديلي اسلام آباد جي سيڪريٽري ابو احمد عاطف کي شهاب مظهر پلي جي هڪ ٻئي انڪوائري جي لاءِ آفيسر مقررڪيو ويو آهي . جڏهن ته معاون جي لاءِ ڊي آءِ جي مظهر علي شيخ کي مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پوليس آفيسرن جي خلاف غير قانوني ڀرتيون، ڪرپشن سميت ٻين معاملن جي جاچ ڪئي ويندي.

ڪرپشن ۽ ڏوهن ۾ ملوث هجڻ وارا الزام ثابت ٿيڻ بعد جن پوليس وارن  وقت کان اڳ نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو آهي انهن ۾ انسپيڪٽر، اي ايس آءِ ۽ سپاهي شامل آهن. رپورٽ موجب نوڪرين مان فارغ ڪيلن ۾ انسپيڪٽر راڻا خوشي محمد، انسپيڪٽر محمد اياز کيڙو، اي ايس آءِ فخر اويس ۽ ٻيا شامل آهن. جبري رٽائر ڪيلن ۾ انسپيڪٽر همايون احمد، انسپيڪٽر حميد الله، سب انسپيڪٽر عطا محمد، سب انسپيڪٽر منير حسين چانڊيو، سب انسپيڪٽر لقمان بنگش، سب انسپيڪٽر غلام رسول، سب انسپيڪٽر محمد جاويد، سب انسپيڪٽر محمد افضل، سب انسپيڪٽر رياست علي، سب انسپيڪٽر لال خان خٽڪ، سب انسپيڪٽر اڪبر حميد غوري، سب انسپيڪٽر خالد محمود بٽ، سب انسپيڪٽر رحمت علي، سب انسپيڪٽر سيد حسين رضا، سب انسپيڪٽر محمد شفيع، سب انسپيڪٽر محمد يوسف، اي ايس آءِ سيد محبوب علي شاهه، اي ايس آءِ محمد شفيق، اي ايس آءِ غلام ياسين، اي ايس آءِ لال محمد، اي ايس آءِ الطاف رضا، اي ايس آءِ صابر حسين ۽ ٻيا شامل آهن. ذريعن موجب عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ پوليس ۾ مقرر 10 اعليٰ پوليس آفيسرن جي خلاف جاچ شروع ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *