Friday , April 19 2024

ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جا جوابدار ۽ سهولتڪارن گرفتار نه ٿيا، تحريڪ جو اعلان گرفتار

حيدر آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان ميهڙ سانحي ۾  مقتولن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن طرفان ميهڙ سانحي جي مقتولن جي وارث تمندار صدا حسين چانڊيو سان ملاقات ڪئي وئي. سول سوسائٽي جي وفد ۾ پنهل ساريو،اشو ٿاما، حسين مسرت شاھ،ايڊووڪيٽ ستار سرڪي،فريده چنا،ايڊووڪيٽ شاهد ٻٻر،صحافي مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، زاهد ڪلهوڙو ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي ميهڙ سانحي جي مقتولن جي وارث صدا حسين چانڊيو سول سوسائٽي جي اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته  هن جي بابا، ڏاڏي ۽ چاچي کي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڏوهه  ۽ سردار چانڊيو جي غلامي نه ڪرڻ سبب قتل ڪيو ويو.

صدا حسين چانڊئي چيو ته هن وقت هڪ منظم سازش ذريعي ٽن مقتولن جي قتل ڪيس مان مک جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ ۽ ڪيس مان دهشتگردي وارا قلم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هنن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سول سوسائٽي جي نمائندن مقتولن جي وارثن  کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو احتجاج ۾ انهن سان گڏ هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *