Thursday , April 25 2024

ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، ٻين شهرن حيسڪو ۽ سيپڪو مصيبت بڻجي ويا

KElectric01.jpg02hesco_logo

ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کي فني خرابي جو نالو ڏئي مختلف علائقن ۾ 8 کان 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ جو سلسلو بند ناهي ڪيو. جن علائقن ۾ سئو سيڪڙو بلنگ آهي اتي وري مختلف بهانا ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي شهر جي صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، آرام باغ، لائنز ايريا، جيڪب لائين، گارڊن، کارادر، ميٺادر، بزرٽا لائين وارن علائقن ۾ مختلف وقتن تي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ڪري رهي آهي.

گلشن اقبال، شانتي نگر، گلستن جوهر جا مختلف علائقا، ابوالحسن اصفهاني روڊ، گلزار هجري، سهراب ڳوٺ، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي ۾ به بجلي جي اک ٻوٽ شهرين لاءِ عذاب ڪري ڇڏيو آهي.

KElectric01sepcoMono

قهر جي گرمي دوران ڪي اليڪٽرڪ بنا ڪنهن شيڊيول جي ماڙيپور، شاهه لطيف ڪالوني، يونس آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به لوڊ شيڊنگ جو آزار گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني دوران خاص طور تي روزي رکڻ روزي کولڻ ۽ تراويح نماز جي وقت به لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ زندگي جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته، جن رهائشي توڙي ڪاروباري مرڪزن ۾ بجلي جي بلن جي ادائگي سئو سيڪڙو آهي اتي قانوني طور تي لوڊشيڊنگ ڪرڻ جي ڪابه گنجائشن نه آهي پر، ڪي اليڪٽرڪ انهن علائقن ۾ فني خرابي جو ڪارڻ ڄاڻائي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ ڪري ٿي. اهڙن علائقن ڪي اليڪٽرڪ جو عملو فني خرابي جي بهاني کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجو عملو موڪلي سب اسٽيشنز کولي ويهي رهن ٿا، جنهن سان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته واقعي به فني خرابي آهي جيڪا دور ڪئي پئي وڃي.

ٻي طرف حيسڪو ۽ سيپڪو حيدر آباد، ميرپور خاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنز ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار وڏائي ڇڏيو آهي. جتي شهرن ۾ 12 16 ڪلاڪ ۽ ڳوٺن ۾ 14 کان 18 ڪلاڪ بنا ڪنهن شيڊيول جي بجلي بند ڪري ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *