Tuesday , March 19 2024

ڪراچي ۾ چيني سفارتخاني ڀرسان فائرنگ،مزاحمت،2پوليس اهلڪار شهيد،3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي(ڪرائيم رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني ۾ دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ گهائجي پيو،3 دهشتگرد مارجي ويا آپگهاتي جيڪيٽ هٿ، ڪار مان ڌماڪيدار مادو هٿ، ڊي آءِ جي سائوٿ تصديق ڪندي چيو آهي ته، 3 دهشتگردن سفارتخاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن مزاحمت ڪئي. ڪراچي جي انتهائي پوش علائقي ڪلفٽن واري علائقي ۾ قائم چين جي سفارتخاني تي حملي جي ڪوشش دوران پوليس جي جوانن مزاحمت ڪندي دهشتگردن کي روڪي ورتو، جنهن دوران حمو ڪندڙن ۽ پوليس جي جوانن وچ ۾ سڌي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور مارجي ويو ۽ 2 پوليس جا جوان شهيد ٿي ويا، ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. واقعي جي فوري بعد ڊي آءِ جي ڪارچي سائوٿ زون واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جنهن ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي تصدي ڪئي آهي ته، واقعي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد، هڪ زخمي ٿيو آهي. پوليس جي جوانن تڪڙي ڪارروائي ۽ سخت مزاحمت ڪندي حملي آورن سان مقابلو ڪري سفارتخاني طرف وڌڻ ۽ اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو ۽ ڪنهن وڏي واقعي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي امير شيخ جو چوڻ آهي ته، پوليس جوان مردي سان مقابلو ڪري دهشتگردن کي سفارتخاني ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي شهادت ماڻي آهي، حملو ڪندڙ ٽئي دهشتگرد به مارجي ويا آهن. هن چيو ته حملي آورن سفارتخاني جي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش  ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. دهشتگرد جنهن گاڏي ۾ آيا هئا ان ۾ بارودي مواد موجود آهي، جنهن کي ناڪارا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي جيڪيٽ به ملي آهي، جنهن کي به ناڪرا بڻايو پيو وڃي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، سمورن تفصيلن جي مڪمل تصديق ڪرڻ بعد ميڊيا ذريعي عوام کي ٻڌايو ويندو. چيو ته حملي  جي نينت سان آيل ٽنهي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. ڌماڪي کانپوءِ پوليس، رينجرز سميت قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، علائقي طرف ڪنهن به گاڏي يا شخص کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *