Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز جي تازن واقعن جون هدايتون لنڊن مان جاري ٿيون: رينجرز

Rangers spokespersonCh Nisar

ڪراچيءَ ۾ رينجرز ڪامياب ڪارروائي ڪري، 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ 2 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان ڪرنل قيصر خٽڪ چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، جن ڏکڻ آفريڪي نيٽ ورڪ جي چوڻ تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو، چوڌري نثار کي فون، گهرو وزير پاران مامرولاڳاپيل ملڪن جي حڪومتن معاملو اٿارڻ جو فيصلو

رينجرز جي ترجمان ڪرنل قيصر خٽڪ رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، 17 جولاءِ تي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ سياسي پارٽي جي ٻن ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث 2 مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪرنل قيصر چيو ته ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن محمد دانش ۽ محمد رحيم جو واسطو متحده لنڊن سان آهي، قتل واري واقعي جي ٻن ڏينهن بعد ايم ڪيو ايم باني قاتلن کي واٽس ايپ ڪال ذريعي شاباش ڏني.

رينجرز ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، هاڻي ڪراچيءَ کي لنڊن مان هڪ فون ذريعي بند ڪرڻ، لاش ڪيرائڻ ۽ ڀتو نه ڏيڻ تان باهيون ڏيڻ وارو وقت گذري ويو، هاڻي ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. رينجرز ترجمان چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ وارن واقعن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين ۽ قتل جا ڪارڻ به معلوم ٿي ويندا. گرفتار جوابدارن جو سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ واٽس ايپ ذريعي متحده ڏکڻ آفريقا جي سيٽ اپ سان رابطي ۾ هئا ۽ متحده باني به قاتلن کي واٽس ايپ ڪال ذريعي مبارڪباد ڏني هئي، جنهن جي رڪارڊنگ به هٿ ڪئي وئي آهي. اورنگي ٽائون ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا ۾ موجود عبدالله ڪراچي ۾ موجود شخص هدايتون ڏنيون. هن چيو ته متحده لنڊن جا اڳواڻ نديم نصرت، عبدالرشيد عرف بابو بنگالي ۽ قمر ٽيڊي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز جي فنانسگ ڪري رهيا آهن.

برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا مان ٽارگيٽ ڪلنگز جي هدايت واري مامري کي لاڳاپيل ملڪن آڏو اٿارڻ جو فيصلو

Rangers personnel

وفاقي گهرو وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي زمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ان معاملي تي لاڳاپيل ملڪن جي حڪومتن معاملو اٿاريو ويندو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد وفاقي گهرو وزير سان فون تي رابطو ڪري، برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل گرفتار ڪيل جوابدارن جي گرفتاري بابت بريفنگ ڏني.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ٽارگيٽ ڪلرز جي نيٽ ورڪ جا اهم جوابدار گرفتار ڪري ثبوت هٿ ڪرڻ تي ڊي جي رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. فاقي گهرو وزير ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا مان ٽارگيٽ ڪلرز جو نيٽ ورڪ هلائيندڙن بابت، تفصيلي ريفرنس تيار ڪري گهرو وزارت کي موڪليو وڃي جيئن لاڳاپيل ملڪن آڏو معاملو اٿاري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *