Thursday , March 28 2024

ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ رينجرز کان مدد طلب

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل، شهر ۾ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ ۽ فلاحي پلاٽن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي جي رينجرز کان مدد گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ پاران شهر ۾ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ وارو حڪم جاري ڪرڻ بعد ڊي جي ايس بي سي اي رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکي مدد گهري آهي. ايس بي سي اي جي ڊي جي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، ڪراچي جي اسڪيم 33 سميت سڄي شهر جي فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ غير قانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ نفري جي ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *