Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردي جا 2 ڌارڌار واقعا، عامرشهاب ۽ 2پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾دهشتگردن جي فائرنگ، عامر شهاب ٻن محافظن سميت شهيد، مفتي تقي عثماني معجزاڻي طور تي بچي ويو. 10 منٽن دوران دهشتگردي جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، عالم دين مفتي تقي عثماني معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو آهي، آءِ جي سنڌ چيو آهي ته تقي عثماني جي گاڏي تي فائرنگ وقت پوليس اهلڪارن جي مزاحمت ڪري جان جو نظرانو ڏنو آهي.

فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ متاثر ٿيل گاڏيون – سنڌسماءَچار فوٽو

جمعي جي نماز کان ڪجهه وقت پهريان ڪراچي جي مصروف روڊ شاهراهه فيصل ۽ نيپا چورنگي فلائي اوور وٽ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ مذهبي درسگاهه جامعه دارالعلوم ڪراچي جي ٻن گاڏين تي 10 منٽن اندر پر ڪجهه منٽن جي فرق سان دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، هڪ گاڏي مولانا شهاب جي نالي تي رجسٽرڊ ٿيل هئي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو آهي ته، فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن، مولانا تقي عثماني بلڪل خيريت سان آهي. نيپا چورنگي واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلز تي سوار چئن دهشتگردن فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ مولانا شهاب ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب نيپا چورنگي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن هڪ ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

فائرنگ جي واقعي ۾ متاثر ٿيل ڪار – سنڌسماءَچار فوٽو

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي مٿي ۾ گوليون هنيون ويون، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو لڳي رهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار دارالامان ڪراچي جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، ٻئي پاسي شهر جي مصروف ترين روڊ شاهراهه فيصل تي نرسري ويجهو به هٿياربندن هڪ ڪار کي نشانو بڻايو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نرسري تي ڪار مٿان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ ديني عالم سوار هو، جنهن بابت ڪا تصديق سامهون ناهي اچي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *