Saturday , April 20 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردي، متحده ڇڏي ويندڙ علي رضا عابدي قتل

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ دهشتگردن هڪ ڀيرو وري نشاني تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي متحده پاڪستان جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي کي سندس گهر آڏو گولين جي بک بڻائي ڇڏيو آهي، زخمي ٿيل سندس ڊرائيور زندگي ۽ موت سان اسپتال ۾ جهيڙي رهيو آهي؛ پوليس ابتدائي جاچ دوران واقعي کي ٽارگيٽيڊ ڪارروائي قرار ڏيندي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين علي رضا عابدي جي قتل جو نوٽيس وٺندي سندس وڇوڙي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. علي رضا عابدي ڊفينس جي خيابان غازي واري علائقي ۾ گاڏي مان هيٺ لهي پنهنجي گهر اندر داخل ٿي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو ۽ سندس ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيا. متحده جي اڳوڻي اڳواڻ علي رضا عابدي ۽ سندس ڊرائيور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي اين ايس شفا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.علي رضا عابدي جي والد اخلاق عابدي پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي کي پيٽ ۾ هڪ گولي لڳي آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته علي رضا عابدي کي ٻه گوليون سيني ۾ ۽ هڪ گولي ڪنڌ ۾ لڳي. فائرنگ بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪار علي رضا عابدي جي گهر ٻاهران پهچي شاهديون جمع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌان گولين جا 3 خول مليا آهن، جڏهن ته وڌيڪ شاهديون جمع ڪيون پيون وڃن. علي رضا عابدي جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي متحده اڳواڻ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. علي رضا عابدي 2013 ۾ متحده جي سيٽ تي ڪراچي مان ايم اين اي چونڊيو هو جڏهن ته هن 2018 جي چونڊن ۾ وزيراعظم عمران خان هٿان شڪست کاڌي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *