Thursday , March 28 2024

ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) عدالتي حڪمن تحت ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف هلندڙ آپريشن بابت سپريم ڪورٽ پنهنجو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي صوبائي حڪومت ۽ ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي آهي ته غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي. اڱاري ڏينهن لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته شهر ۾ حد دخلين خلاف آپريشن جاري رکيو وڃي. سنڌ سرڪار ۽ ميئر ڪراچي دڪان ٽوڙڻ ۽ گهر مسمار ڪرڻ بعد شهرين کي متبادل هنڌ فراهم ڪرڻ جا پابند آهن. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته  حددخلين خلاف آپريشن لاءِ سنڌ حڪومت ڪي ايم سي کي 200 ملين گرانٽ فراهم ڪرڻ جي به پابند آهي. عدالت چيو ته فٽ پاٿن، نالن، پارڪن ۽ رفائي پلاٽس تان قبضا فوري ختم ڪيا وڃن ۽ جنهن هنڌ دڪان ٽوڙيا ويا آهن انهن واپارين کي متبادل هنڌ فراهم ڪيو وڃي. حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيرايل دڪانن جي مالڪن جي بحالي وارو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي ۽ دڪانن جو ملبو به جلد کان جلد کنيو وڃي. عدالت حڪم نامي ۾ لکيو ته رهائشي علائقن ۾ قبضو ٿيل هنڌن تي صاف ڪرڻ کان اڳ 30 کان 40 ڏينهن جو نوٽيس اماڻيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *