Saturday , April 20 2024

ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال آئيڊيل ناهي، آپريشن لاءِ وفاقي سرڪاري پنهنجي حصي جي رقم نه ٿو ڏئي: سهيل انور سيال

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ايڏي به بهتر/آئيڊيل ناهي، پر ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي. وفاقي سرڪار واعدو ڪيو هو ته ته ڪراچي آپريشن تي خرچ ٿيندڙ رقم جو اڌ حصو وفاق ڀريندو پر هيل تائين هڪ رپيو به ناهي مليو، سڄو خرچ سنڌ سرڪار پنهنجي بجيٽ مان ڪري رهي آهي؛ جنهنڪري آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي لهر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته سيف سٽي منصوبي تي ڪم هلندڙ آهي، جنهن تي مختلف ادارن کان مدد ورتي پئي وڃي. هن چيو ته هو مڃي ٿو ته ڪراچي ۾ آئيڊيل صورتحال ناهي، پر ماضي کان بهتر آهي ۽ حڪومت تي اعتماد بحال ٿيڻ سبب عالمي شخصيتون ڪراچي ۾ تقريبن ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيون آهن.

صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته، وفاق پاران واعدو ڪرڻ باوجود ڪراچي آپريشن جو 50 سيڪڙو حصو نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ڪري ڏکائيون پيش اچي رهيون آهن. سنڌ حڪومت صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *