Friday , March 29 2024

ڪراچي کانپوءِ فيض گنج ۾ به تالا ٽوڙ چور سرگرم،شهري سراپا احتجاج بڻجي ويا

فيض گنج ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي کان پوءِ خيرپور ضلعي جي فيض گنج  واري علائقي ۾ به چور ۽ دوڪانن جا تالا ڀڃندڙ سرگرم ٿي ويا آهن، هڪ رات اندر چورن ٽن دڪانن جا تالا ٽوڙي روڪ رقم سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، شهرين پاران بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. هڪ رات اندر چورن دڪاندار علي مراد بهڻ، تاج محمد آرائين ۽ فتح بکراڻي جي ڪپڙي ۽ ڪريانه دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي لکين رپيا روڪ رقم سميت ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

شهرين، متاثر دڪاندارن، يوسي چيئرمين الطاف کنڊ، تاج محمد شر، حاجي خان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڀنگو بهڻ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي ڏوهه ٿيا آهن، پر ڊي ايس پي فيض گنج  خالي آسرا ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته هڪ رات اندر ٽن دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي 8 لک کان مٿي جي ماليت جي چوري ٿي آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن چوري  واپس نه ڪرائي وئي ته پوليس خلاف احتجاجي تحريڪ شرو ع ڪئي ويندي. ايس ايڇ او فيض گنج ڌرڻي واري جاءِ تي پهچي، شهرين سان ڳالهيون ڪري هڪ ڏينهن جي مهلت وٺڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *