Friday , March 29 2024

ڪراچي ننڍي چونڊ: اين اي 247 ۽ پي ايس 111 تي پي ٽي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي سنڌ ۾ موجود تڪ اين اي 247 ۽ صوبائي تڪ پي ايس 111 ڪراچي، تي پي ٽي آءِ ميدان ماري ورتو، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي شڪست. قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 247، سنڌ اسمبلي جي تڪ پي ايس 111 ۽ ڪي پي ڪي اسمبلي جي تڪ پي ڪي 71 تي ننڍي چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪري نتيجن مطابق، تحريڪ انصاف جي ميدوارن کي سرسي حاصل آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 ڪراچي جي 240 مان 102 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو آفتاب حسين صديقي 12922 ووٽ کڻي واضع سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ايم ڪيو ايم جو صادق افتخار 6288 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 111 ڪراچي جي 80 مان 46 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جو شهزاد قريشي 6357 ووٽن سان اڳڀرو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو جاويد مغل 4100 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 ڪراچي، سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 111 ڪراچي ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 71 پشاور ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ 8 لک 58 هزار 866 مرد ۽ عورت ووٽر رجسٽرڊ هئا، جن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي جي ٻن ۽ پشاور جي هڪ تڪ تي پولنگ جي عمل جي باقاعدي شروعات صبح 8 وڳي ٿي، جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهي. ڪراچي مان اسمبلي جي تڪ اين اي 247 تي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته پي ايس 111 تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل فاتح بڻيو پر بعد ۾ عارف علوي ۽ عمران اسماعيل جي منصب سنڀالڻ کانپوءِ اهي سيٽون خالي ٿي ويون هيون، جن تي اڄ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اين اي 247 تي آفتاب صديقي، ايم ڪيو ايم طرفان صادق افتخار، پيپلز پارٽي طرفان قيصر نظاماڻي ۽ پاڪ سرزمين طرفان ارشد وهرا ميدان ۾ لٿا. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 247 ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 5 لک 46 هزار 451 ۽ پي ايس 111 ۾ ووٽرن انگ هڪ لک 78 هزاز 965 آهي. اين اي 247 لاءِ 240 پولنگ اسٽيشن ۽ پي ايس 111 لاءِ 80 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون. پشاور ۾ خيبرپختونخوا اسمبلي جي تڪ پي ڪي 71 جي سيٽ گورنر ڪي پي ڪي شاهه فرمان عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڇڏي ڏني هئي. ان تڪ تي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ خيبرپختونخوا جي ڀاءُ سميت 5 اميدوار ميدان تي لٿا. شاهه فرمان جي ڀاءُ ذوالفقار خان جو اصل مقابلو عوامي نيشنل پارٽي جي صلاح الدين سان هو، جڏهن ته ٽن آزاد اميدوارن پڻ چونڊ دنگل ۾ حصو ورتو. ٻهراڙي تي ٻڌل هن تڪ جون سرحدون اڳوڻي خيبر ايجنسي سان ملن ٿيون. ان تڪ ۾ ڪُل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 1 لک 33 هزار 451 آهي، جن ۾ مرد ووٽر 79 هزار 836 ۽ عورتن ووٽرن 53 هزار 615 آهي. اهڙي طرح تڪ ۾ ڪُل پولنگ اسٽيشن جو انگ 86 آهي، جن ۾ 48 مرد ۽ 35 عورتن لاءِ آهن. ان تڪ جي 51 پولنگ اسٽيشنن کي حساس ترين قرار ڏنو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *