Thursday , March 28 2024

ڪراچي شهر کان لاهور شهر جي آبادي ڪيئن وڌي شماريات کاتي جو انڪشاف؟

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شماريات کاتي آدمشماري انگن اکرن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته شماريات کاتي، جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ته پنجاب ۾ شهري آبادي ۾ 2 ڏهائي 74 ۽ سنڌ ۾ 2 ڏهائي 46 شرح سان واڌ ٿي. ڪراچي شسهر جي ڀيٽ ۾ لاهور جي آبادي وڌڻ بابت شماريات کاتي پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته، شماريات کاتي موقف اختيار ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت 2015 ۾ لاهور ضلعي کي مڪمل شهري قرار ڏنو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪافي عرصي کان ڪراچي جون حدون ئي ناهن وڌايون.

شماريات کاتي موجب آدمشماري جو فيلڊ آپريشن صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ماتحت ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپوٽ موجب پنجاب جو ملڪ جي مجموعي آبادي ۾ شيئر گهٽ ٿيو، جنهن سان پنجاب جو قومي اسيمبلي ۽ اين ايف سي ۾ حصو گهٽجندو. شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي جي آبادي ۾ 59 ۽ لاهور جي آبادي ۾ 116 سيڪڙو واڌ ٿي، لاهور جي آبادي ۾ واڌ جو سبب حدن جي تبديلي آهي. شماريات کاتي موجب آدمشماري جا انگ اکر سي سي آءِ جي اجلاس ۾ به پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪنهن به وڏي وزير ان تي اعتراض نه واريو. شماريات جي رپورٽ موجب سمورن قانونن کي نظر  رکندي آدمشماري شفاف طريقي سان ڪرائي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *