Thursday , March 28 2024

ڪراچي: سيوهڻ سانحي ۽ ان کانپوءِ جي صروتحال، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلا

Bhit Shah1 shrine shah aqiq

سيوهڻ ۾ قلندر لال شهباز جي مزار ۾ دهشتگردن جي آپگهاتي ڌماڪي بعد وڏي وزير مراد علي شاهه صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس سڏايو. وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، رضوان ميمڻ، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، سي ٽي ڊي انچارج ڪمشنر شهيد بينظير آباد، ڊويزن سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ اوقاف کاتي بابت وڏي وزير جي خاص مددگار به شرڪت ڪ.ي.

اجلاس ۾ قلندر شهباز جي مزار ۾ ٿيل ڌماڪي ۽ ان کانپويءِ سڄي سنڌ جي مزارن ۽ درگاهن جي سيڪيورٽي بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز، ٺٽي جي شاهه عقيق درگاهه،  سمن سرڪار،عبدالله شاهه غازي، سيد معصوم شاهه بخاري مصري شاهه عبداله شاهه اصحابي سميت سنڌ جي 86 مزارن ۽ درگاهن جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو وٺي حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد، خادم رند حيدرآباد ڊويزن جي درگاهن جي سيڪيورٽي ۽ قلندر شهباز جي درگاهه ۾ ٿيل ڌماڪي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏڌي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ بوهري، آغاخاني جماعتن جي عبادتگاهن، مسجدن، امام بارگاهن، جي سيڪيورٽي وارن انتظامن جو نئين سري سان جائزو وٺي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا وڃن.

وڏي وزير آءِ جي سنڌ کان سي ٽي ڊي سکر جي سيٽ اپ بابت رپورٽ ورتي، جنهن بعد وڏي وزير آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي سکر کي به ڪراچي جيان بهتر طريقي سا سيٽ اپ ڪري کيس جلد رپورٽ ڏني وڃي.

MasjidiBohri1 Ismaili jamatkhana

اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته، ڪراچي شهر ۾ 6560 مسجدون ۽ ٻيون عبادت گاهون موجود آهن،350 ننڍيون وڏيون درگاهون ۽ مزارون،  اسمعايلين جون 33، بوهري برادري جون 44، 50 مندر، لڳ ڀڳ 100 چرچ،  موجود آهن جتي سيڪيورٽي لاءِ اهلڪار ۽ آفيسرز مقرر ٿيل آهن.

 

 

اجلادس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي سمورين مزارن تي ايندڙ ويندڙ زائرين جي مڪمل تلاشي وٺڻ لاءِ اوقاف کاتو رضاڪار مقرر ڪندو، جيڪي مستقل بنيادن تي درگاهن جي سيڪيورٽي سنڀاليندا ۽ انهن جي بنيادي تربيت سنڌ پوليس ڪندي.

mandir1IM000374.JPGmisiri

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *