Friday , March 29 2024

ڪراچي سوڌو ٻين شهرن ۾ رهندڙ غيرقانوني رهندڙ افغان پناهگيرن، برمين ۽ بنگالين جو استحصال پيو ٿئي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانين سميت غير قانوني طريقي سان پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف اختر مينگل جو قومي اسيمبلي ۾ احتجاج، مخالف ڌري جي بئنچن تي ويهي رهيو، اختر مينگل چيو آهي ته، پي ٽي آءِ اسان سان لکت ۾ ڪيل معاهدي تان هڪ مهيني اندر ئي ڦريوئي آهي، وزيراعظم عمران خان وضاحتون پيش ڪندي چيو ته ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن، غير قانوني طور ترسيل برمين، بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين جو استحصال ٿي رهيو آهي. اسان انساني همدردي جي بنياد تي انهن کي پاڪستاني شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي.

قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خطاب دوران مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري بيان تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ مهاجرن جو استحصال ٿي رهيو آهي، ڊگهي عرصي کان رهندڙ مهاجرن کي انساني حقن جي بنياد تي شهريت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، قانون موجب ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جو شهريت حاصل ڪرڻ حق آهي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته 1951ع جي قانون تحت جيڪي ٻار هتي پيدا ٿين ٿا، شهريت سندن حق آهي ڇو ته يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ به اهو ئي قانون آهي ته جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا ته شهريت سندن حق آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪي مهاجر عارضي طور اچن ٿا ته انهن لاءِ الڳ قانون آهي پر بنگلاديش مان آيل ماڻهو هتي 45 کان 50 سالن کان رهي رهيا آهن، سندن استحصال ٿي رهيو آهي، کين نه شهريت ملي ٿي ۽ نه وري واپس وڃي رهيا آهن. عمران خان چيو ته انسانيت جي تقاضي تي چوان ٿو ته هو انسان آهن جيڪڏهن اڄ سندن فيصلو نه ٿيو ته ڪڏهن ڪنداسين.

وزيراعظم چيوته، عالمي قانون آهي ته توهان مهاجرن کي زبردستي موڪلي نه ٿا سگهو تنهن ڪري مهاجرن جا جيڪي ٻار هتي پيدا ٿين ٿا انهن لاءِ ڪا پاليسي ٺاهڻي پوندي، اهو انساني حقن جو معاملو آهي، قوم کي ڪڏهن نه ڪڏهن انهن بابت فيصلو ڪرڻو پوندو. وزيراعظم جي اعلان تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد وزيراعظم ٻيهر اُٿي چيو ته مهاجرن کي شهريت ڏيڻ جو اڃا فيصلو ناهي ڪيو، معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي. ان موقعي تي اختر مينگل چيو ته تحريڪ انصاف سان جيڪو معاهدو ٿيو هو، ان جو ڇهون نڪتو مهاجرن جي واپسي جو هو، ان بابت وزيراعظم کي وضاحت پيش ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کان تجويزون گهرنداسين ۽ فيصلو ڪرڻ کان اڳ سڀني سان مشورو ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته سوال پڇندو رهندس ته اسان وٽ هي انسان آباد ٿيا آهن، سندن ڇا ٿيندو، ان حوالي سان فيصلو ڪرڻو پوندو. جڏهن سردار اختر مينگل ٻيهر اٿي بيهي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته  اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن کانپوءِ اختر مينگل اپوزيشن جي سيٽ تي وڃي  ويهي رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *