Thursday , April 25 2024

ڪراچي: سنڌ واسي گٽرن جي گندي پاڻي مليل هجڻ وارو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ باوجود خبر ناهي ته اهي جيئرا ڪيئن آهن: جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو

 larkano swage waterلاڙڪاڻو

ڪراچي: عدالتي ڪميشن پاران سنڌ جي رهواسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ماڻهو گٽرن جي گندي پاڻي مليل هجڻ وارو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ باوجود خبر ناهي ته اهي جيئرا ڪيئن آهن: جسٽس اقبال احمد سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، ڪميشن ۾ ڪارروائي دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جنيد ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته، سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ جتي واٽر سپلاءِ ذريعي پيڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو اتي جي ماڻهن کي گٽرن جي گندي پاڻي جي ملاوٽ .وارو پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو

WADHU WAHحيدرآباد

ڪميشن ۾ ڪارروائي دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري اعتراف ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿا ڪري سگهو. سيڪريٽري آبپاشي پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي مليل هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اهو وڏو ڏوهه آهي پر گدلو پاڻي ملائڻ کان روڪي نه ٿا سگهون. سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي چڪاس لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ جوڙيل جڊيشل ڪميشن سنڌ جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد معاملي جي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران سيڪريٽري آبپاشي، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪميشن پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽرن جو پاڻي شامل ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته مختلف شهرن جو دوررو ڪرڻ دوران پتو پيو ته پيئڻ جي پاڻي ۾ گدلو پاڻي شامل ٿئي ٿو ۽ ماڻهو اهو پاڻي پيئن ٿا، ڪميشن چيو ته خبر ناهي ته گٽرن جو مليل پاڻي پيئڻ دوران ماڻهو زنده ڪيئن آهن؟. سيڪريٽري آبپاشي ڪميشن آڏو پيئڻ جي پاڻي ۾ گندو پاڻي ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڻي ۾گٽرن جو پاڻي ملڻ کي روڪڻ ڏکيو آهي. ڪميشن آبپاشي سيڪريٽري ۽ واٽر بورڊ کي پيئڻ جي پاڻي جي لائنز ۾ گٽرن جا ڪنيڪشن فوري طور ختم ۽ عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

nawabshah sewage1نوابشاهه

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *