Friday , March 29 2024

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪيس مان فريا ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

larkano swage water

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊز ۾ ڪرپشن واري ڪيس مان پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جو نالو خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي،عدالت سنڌ حڪومت پاران جمع ڪرايل جواب تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪنهن جي ساک خراب ٿئي ٿي ته ٿيڻ ڏيو، في الحال سنڌ حڪومت کان جواب گهريو آهي، وارو اچڻ تي فريال ٽالپر جو موقف به ٻڌو ويندو، لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ناهي ٿي ته حڪومت ٻڌائي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بينچ لاڙڪاڻي جي شهري بشير عباسي جي لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊز ۾ گهوٻين خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي. سنڌ سرڪار ترقياتي فنڊز بابت جواب جمع ڪرائيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪم جاري آهي، ڪرپشن واريون ڳالهين ۾ ڪابه صداقت ناهي. عدالت سنڌ سرڪار جي جواب تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي لاڙڪاڻي جي 8 سالن جي ترقياتي ڪمن بابت 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪئي. ٻڌڻي دوران پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ پيش ٿي، فريال ٽالپر جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي. وڪيل فاروق نائڪ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته فريال ٽالپر جو لاڙڪاڻي جي ترقياتي فنڊز سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه وري هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ئي آهي. فاروق ايڇ نائڪ چيو ته فريال ٽالپر قومي اسيمبلي جي ميمبر آهي، بي بنياد الزامن سبب سندس ساک خراب ٿي رهي آهي، تنهنڪري سندس نالو ڪيس مان خارج ڪيو وڃي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه فريال ٽالپر جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته فريال ٽالپر جو نالو ائين ڪيئن خارج ڪيون، نائڪ صاحب ٿورو ترسو، ڪنهن جي ساک خراب ٿئي ٿي ته ٿيڻ ڏيو، في الحال سنڌ حڪومت کان جواب گهريو آهي، وارو اچڻ تي فريال ٽالپر جو موقف به ٻڌو ويندو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *