Friday , March 29 2024

ڪراچي: سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي هڪ به حڪم تي عمل ناهي ڪيو، جمال مصطفيٰ سيد ۽ فضل الله پيچوهو کي شوڪاز نوٽيس جاري: سنڌ واٽرڪميشن

Justice Mohammad Iqbal Kalhoro

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل انڪوائري ڪميشن، واٽر ڪميشن ٽاسڪ فورس جي سربراھ ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد، واٽر بورڊ جي ايم ڊي، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ايم ڊي، صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي، ڪميشن جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب کين سبب ڄاڻايو نوٽيسز جاري ڪندي چيو آهي ته ته، ڇو نه اوهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪجي؟.

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل جاچ ڪميشن معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ڪميشن چيف سيڪريٽري سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين کي پهرين جولاءِ تائين سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام توڙي نساسڪ سان معاهدا ختم ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واٽر ڪميشن جاري ڪيل پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن هڪ به حڪم تي قابل ذڪر اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ پاران فلٽر ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ هڪ مهيني ۾ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته صوبائي حڪومت نساسڪ بابت پڻ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڃا تائين عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آر بي او ڊي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ وارو مسئلو پڻ حل ڪري نه سگهيون آهن. ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو ۽ ٻين کي معاونت لاءِ طلب ڪندي کين چيو آهي ته اهي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪميشن آڏو پيش ٿي ان نقطي تي سهڪار ڪن ٿا ته ڇا ڪميشن آر بي او ڊي رٿا جو رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪو حڪم ڏئي سگهي ٿي؟.

water drinking1

ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي رپورٽ تي پڻ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري جي رپورٽ مان لڳي ٿو ته توهان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي  عملدرآمد کان فرار جو رستو ڪڍي ورتو آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا رولز آف بزنس تبديل ڪرڻ ۾ 3 مهينا ڇو لڳي ويا آهن؟ نارٿ سنڌ اربن سروس ڪارپوريشن (نساسڪ) کي چيف سيڪريٽري پاران يقين ڏيارڻ باوجود اڃا تائين ڇو نه بند ڪيو ويو آهي؟ ان سان معاهده ختم ٿيڻ گهرجن ها، ڪا پرفارمنس نظر نه ٿي اچي پر رڳو ڪاغذ اچي رهيا آهن، شهرين کي ٽينڪرس ذريعي نه پر لائين ذريعي پاڻي ملڻ گهرجي. ڪالهه ڪميشن ڪارروائي شروع ڪئي ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صحت کاتي جي سيڪريٽري، واٽر بورڊ ۽ سائيٽ جي ايم ڊي ۽ ٻين پاران رپورٽون پيش ڪيون ويون، جنهن تي ڪميشن عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي رپورٽون نه پر صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد گهرجي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي لاڳاپيل ذميوار آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪنداسين.

Fazullah pechoohoMustafa jmal syed

ان موقعي تي واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي چيو ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فلٽر پلانٽن بحال ڪرڻ توڙي گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ بحال ڪرڻ تمام وڏا منصوبا آهن جيڪي هڪ مهيني اندر مڪمل نه ٿا ٿي سگهن، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته اهو ڳالهيون توهان کي سپريم ڪورٽ ۾ ڪرڻ گهرجن ها. اسان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيا آهيون، اسان توهان کي هڪ مهيني بجاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو پر ان باوجود ڪا بهتري نه اچي سگهي آهي.

ڪميشن آڏو موقف پيش ڪندي سائيٽ جي ايم ڊي ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ صنعتي ادارن مان نڪرندڙ پاڻي جا 450 سيمپل حاصل ڪيا ويا، جن مان 171 سيپملز جي رپورٽ اچي چڪي آهي جن مان رڳو 15 سيمپل معيار مطابق قرار ڏنا ويا آهن. جن فيڪٽرين جي سيمپلز جي رپورٽ صحيح ناهي آئي انهن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ ابتدائي طور انهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ڪميشن کي ڄاڻ ڏني وئي ته سنڌ جي ماحوليات جي تحفظ واري کاتي پنهنجي ليبارٽري کي فعال ڪري ڇڏيو آهي.

water drinking3

ان موقعي تي صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران سنڌ جي مختلف اسپتالن مان نڪرندڙ ميڊيڪل ويسٽ کي ضايع ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته سڄي سنڌ جي اسپتالن مان نڪرندڙ ڪچري کي ضايع ڪرڻ لاءِ رڳو 4 انسيريٽرز آهن جن مان ٻن انسينيريٽرز کي بحال ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪميشن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي جي اسپتالن مان نڪرندڙ ڪچري کي ضايع ڪرڻ بابت پيش ڪيل رپورٽ اطمينان جوڳي ناهي. رپورٽ مان لڳي ٿو ته توهان عدالت جي حڪمن تي عملدرآمد کان فرار جو رستو ڪڍي ورتو آهي. ڪميشن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي رولز ۾ ترميم ڪرڻ ۾ ٽن مهينن جو وقت ڇو لڳي ويو آهي؟ نساسڪ کي به اڃا تائين ختم نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان کان اڳ چيف سيڪريٽري پاران نساسڪ سان معاهدا ختم ڪري انهن جو انتظام مڪاني ادارن حوالي ڪرڻ بابت يقين ڏياريو ويو هو، جنهن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته نساسڪ کي ختم ڪرڻ واري حڪم تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، ان موقعي تي درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران رڳو وقت حاصل ڪري رهي آهي جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته اشوز تمام گهڻا آهن پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جنهن جا نتيجا به سامهون اچڻ لڳا آهن، جنهن تي ڪميشن رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اهي قدم رڳو ڏيکاءُ لاءِ آهن، ڪو ڪم نه پيو ٿئي.

larkano swage water

واٽر ڪميشن ٽاسڪ فورس جي سربراهه جمال مصطفيٰ سيد ۽ ٻين کي  جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ڇو نه توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي؟. ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪنهن هڪ به حڪم تي قابل ذڪر اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ پاران فلٽر ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ هڪ مهيني ۾ فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته صوبائي حڪومت نساسڪ بابت پڻ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڃا تائين عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون آر بي او ڊي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ وارو مسئلو پڻ حل ڪري نه سگهيون آهن. ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو ۽ ٻين کي معاونت لاءِ طلب ڪندي کين چيو آهي ته اهي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪميشن آڏو پيش ٿي ان نقطي تي سهڪار ڪن ٿا ته ڇا ڪميشن آر بي او ڊي رٿا جو رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪو حڪم ڏئي سگهي ٿي؟.

ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي رپورٽ تي پڻ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته چيف سيڪريٽري جي رپورٽ مان لڳي ٿو ته توهان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد کان فرار جو رستو ڪڍي ورتو آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جا رولز آف بزنس تبديل ڪرڻ ۾ 3 مهينا ڇو لڳي ويا آهن؟ نارٿ سنڌ اربن سروس ڪارپوريشن (نساسڪ) کي چيف سيڪريٽري پاران يقين ڏيارڻ باوجود اڃا تائين ڇو نه بند ڪيو ويو آهي؟ ان سان معاهده ختم ٿيڻ گهرجن ها، ڪا پرفارمنس نظر نه ٿي اچي پر رڳو ڪاغذ اچي رهيا آهن، شهرين کي ٽينڪرس ذريعي نه پر لائين ذريعي پاڻي ملڻ گهرجي. ڪالهه ڪميشن ڪارروائي شروع ڪئي ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري، صحت کاتي جي سيڪريٽري، واٽر بورڊ ۽ سائيٽ جي ايم ڊي ۽ ٻين پاران رپورٽون پيش ڪيون ويون، جنهن تي ڪميشن عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي رپورٽون نه پر صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل درآمد گهرجي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي لاڳاپيل ذميوار آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪنداسين.

ڪراچي: واٽر ڪميشن پاران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر

water board

واٽر ڪميشن ڪراچي بورڊ جي ڪارڪردگي تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته واٽر بورڊ جي فلٽر ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽن جي بحالي واري معاملي تي ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي پر رڳو ڪاغذ اچي رهيا آهن. واٽر ٽينڪرز گذريل 16 سالن کان رولز کان سواءِ هلي رهيا آهن. ڪراچي جي شهرين کي ٽينڪرن ذريعي نه پر لائين ذريعي پاڻي ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هائڊرنٽس کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون سازي کي ترت مڪمل ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *