Friday , April 26 2024

ڪراچي: دهشتگردي لاءِ اڪسائيندڙ ۽ ٻآرن کي گمراهه ڪندڙ مدرسن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي: آصف زرداري

 Zardari & Shah

 اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته دين جي تعليم ڏيندڙ مدرسن خلاف نه آهيون پر ٻارن کي گمراهه ڪندڙ مدرسن کي روڪڻو پوندو، شهرن ۾ دهشتگردن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي داخل ٿيڻ واري سرحد بابت خبر آهي، وڏو وزير پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان ڳالهائي. آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير سڪندر منڌرو،منظور وساڻ، ناصر شاهه، آءِ جي سنڌ، گهرو سيڪريٽري، ڪراچي پوليس چيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

ZARDAIR IJLAS

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سيوهڻ ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير چيو ته پوليس جي صلاحيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، پوليس بهتر ڪم ڪري رهي آهي پر اڃا به وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته دهشتگرد اسان جي ملڪ، قوم ۽ ٻچن جا دشمن آهن، جن کي عوامي طاقت سان چٿيو ويندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڳجهين ايجنسين جي مدد سان تيار ڪيل 94 مدرسن جي لسٽ وفاقي حڪومت کي ڏني پر وفاقي حڪومت انهن تي ڪابه نظر نه رکي ۽ نه وري ڪا مدد ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ آپگهاتي بمبار نه ملڻ سبب اهي ٻاهران آندا وڃن ٿا، پر ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته انهن جا سهولتڪار موجود آهن. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه بريفنگ ڏيندي چيو ته سيوهڻ سانحي ۾ 90 ماڻهو شهيد ۽ 300کان وڌيڪ زخمي ٿيا، صوبي ۾ پوليس بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل سپاهي جي وارثن لاءِ معاوضي جي رقم هڪ ڪروڙ رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردن جي شهرن ۾ موجود سهولتڪارن ۽ انهن جي داخل ٿيڻ واري سرحد بابت ڄاڻ آهي، اڳواٽ قدم کڻي دهشتگردن جو جيئڻ جنجال ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڪجهه طاقتون پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون پر اهڙي اجازت نه ڏينداسين، وڏو وزير پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ وفاق سان ڳالهائي.

آصف زرداري چيو ته اسان انهن مدرسن خلاف ناهيون جيڪي دين جي خدمت ڪري رهيا آهن پر انهن مدرسن کي روڪڻو پوندو جيڪي نوجوانن کي گمراهه ڪن ٿا. آصف علي زرداري ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن کي نوڪريون، گهر ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کان اڳ آصف زرداري سان وڏي وزير نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته آصف زرداري وڏي وزير کي ڪجهه اهم معاملن بابت هدايتون به ڏنيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *