Saturday , April 20 2024

ڪراچي جي صنعتڪارن واٽر ڪميشن جي نمائندن کي ڪارخانن جو معائنو ڪرڻ نه ڏنو!!

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سميت ماحولياتي گدلاڻ بابت سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي جوڙيل واٽر ڪميشن پاران، ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ قائيم ڪارخانن جو دورو ڪيو. ٽيم واٽرڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم سان گڏجاڻي ۾ رپورٽ پيش ڪئي. ڪميٽي امير هاني مسلم کي ٻڌايو ته، ڪراچي ۾ قائم 77 ڪارخانن جي مالڪن ۽ انتظاميا کين ڪارخانن ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏنو. جنهن تي پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڪاوڙ جو اظاهر ڪيو. اميرهاني مسلم ڪراچي جي صنعتي علائقن جي دوري لاءِ اولهه ضلعي/ ويسٽ جي ايس ايس پي کي ٽيم سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. پاڻي فراهمي ۽ نيڪالي واري معاملي تي ڪراچي جي ميئر، واٽر بورڊ اينڊ سيوريج، ٽاسڪ فورس ۽ ٻين ادارن کي گڏيل ميٽنگ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي، جڏهن ته نساسڪ کي استعمال هيٺ گاڏيون ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل ڪميشن کي آگاهي ڏني ته آءِ جي ضروري ڪم جي ڪري ٻاهر آهي، جنهنڪري پيش نٿو ٿي سگهي. ڊي آءِ جي ويسٽ پيش ٿي ڪميشن کي جوابدار فيڪٽري مالڪن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته ايس ايس پي ويسٽ ٽيم سان گڏ دورا ڪندو.  ڪميشن وٽ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، واٽر بورڊ اختياريون، ٽاسڪ فورس سربراهه ۽ ٻيا عملدار به پيش ٿيا. وسيم اختر چيو ته ندي خيام تي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جنهن تي ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ميئر صاحب جيڪو ڪم ڪرڻ چاهي اسان کي ان تي اعتراض نه آهي. ڪراچي جي ميئر چيو ته هو حد دخليون ختم ڪرائي ٿو پر ڊي ايم سي ٻيهر قائم ڪرائي ڇڏي ٿي، امير هاني مسلم چيو ته سمورا عوام ڀلائي وارا ادارا گڏ ويهن ۽ معاملا طئي ڪن، جنهن کانپوءِ ڪميشن سربراهه ميئر، واٽر بورڊ اينڊ سيوريج، چيئرمين ٽاسڪ فورس ۽ ٻين کي گڏيل ميٽنگ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڻي ڪميشن سربراهه پلاننگ ڪميشن چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ته آر او پلانٽس جي آپريشن ۽ مينٽيننس جي مد ۾ ڪيتري رقم جاري ڪئي وئي؟ پلاننگ ڪميشن چيئرمين چيو ته تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني وڃي. ڪميشن جي ڪارروائي دوران نساسڪ جي استعمال هيٺ گاڏين جو به ذڪر آيو، جنهن تي نساسڪ جي سربراهه پيش ٿي آگاهي ڏني ته ادارو ختم ٿيڻ باوجود سرڪاري گاڏيون سندن استعمال هيٺ آهن. امير هاني مسلم نساسڪ سربراهه کي حڪم ڏنو ته گاڏيون ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *