Tuesday , April 23 2024

ڪراچي: آءِ جي سنڌ منهنجي ماتحت جو به ماتحت آهي، اسد کرل ڪرپشن ڪئي آهي ته کيس ڀلي گرفتار ڪيو وڃي: سهيل انور سيال

AD khuwaja01Asad kharal lrksuhail anwar sial new

سنڌ جو گهرو وزير مقرر ٿهيڻ بعد سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ الھ ڏنو خواجا وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ هاڻي ميڊيا ذريعي منظر تي اچي وئي آهي، گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته آءِ جي سنڌ آءِ جي سنڌ سندس ماتحت يعني گهرو کاتي جي سيڪريٽري جو به ماتحت آهي.

سنڌ جي گهرو وزير ۽ پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر جو انتهائي ويجهو ۽ اعتماد جوڳو سمجهيو ويندڙ سهيل انور سيال گهرو کاتي جو قلمدان سنڀالڻ بعد پنهنجي آفيس ۾ سڏايل پوليس آفيسرز جي گڏجاڻي لاءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي دعوت ئي نه ڏني. آفيسرن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي، سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو ته، جيڪڏهن آءِ جي سنڌ ڪو به اجلاس سڏايو ته هُو ڪنهن به آفيسر کي ان گڏجاڻي م شرڪت ڪرڻ کان نه روڪيندي.

سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته، سنڌ جو آءِ جي اڄ اي ڊي خواجا آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو آفيسر اچڻا وڃڻا هوندا آهن. آءِ جي سنڌ ته سندس ماتحت جو به ماتحت آهي. جيڪڏهن آءِ جي صوبي کان ٻاهر ڪنهن به ڪم سانگي ويو آهي ته هُو لازمي طور اطلاع ڪري ويو هوندو. صوبائي گهرو وزير چيو پريس ڪانفرنس دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، اسد کرل جيڪڏهن ڪا به ڪرپشن ڪئي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ ڪنهن به ڪنهن کي ناهي روڪيو ان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *