Friday , April 19 2024

ڪراچي:هاءِ ڪورٽ سڌسماءَ واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، اطلاعات کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اطلاعات واري اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت رد ڪندي کيس15 فيبروري تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي به اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڌ سماءَ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اڳوڻو سيڪريٽري ذوالفقار شلواڻي پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

عدالت، اطلاعات کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شلواڻي جي ضمانت رد ڪندي کيس 15فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ، اطلاعات کاتي ۽ خانگي ڪمپني ۾ اشتهارن جي ورڇ واري ڪيس ۾ 10 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شلواڻي کي 15فيبروري تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *