Friday , April 26 2024

ڪراچي:جساف جا 100ڪارڪن سپاف ۾ شامل ٿي ويا

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي قيادت سميت سڄي صوبي مان سئو کان وڌيڪ عهديدار ۽ ڪارڪنن پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ سپاف سنڌ جي صدارتي اميدوار عبدالرزاق بروهي سان ملاقات ڪري سپاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، شموليت ڪندڙن ۾ جساف جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري امتياز علي شر، ڪراچي ڊويزن جو صدر منير کوسو، حيدر آباد ڊويزن جو صدر محبوب علي بڙدي، ضلعي حيدر آباد جو پريس سيڪريٽري راجا سومرو، ضلعي گهوٽڪي جي صدر صدام ملڪ سميت سئو کان وڌيڪ جسقم ۽ جساف جا ڪارڪن شامل آهن. گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ سپاف سنڌ جي صدارتي اميدوار عبدالرزاق بروهي سان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي قيادت ملاقات ڪئي، ملاقات کانپوءِ مرڪزي قيادت جي عهديدار ۽ ڪارڪنن سميت سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن سپاف ۾ شموليت اختيار ڪئي، شموليت ڪندڙن ۾ جساف جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري امتياز علي شر، ڪراچي ڊويزن جو صدر منير کوسو، حيدر آباد ڊويزن جو صدر محبوب علي بڙدي، ضلعي حيدر آباد جو پريس سيڪريٽري راجا سومرو، ضلعي گهوٽڪي جي صدر صدام ملڪ، جسقم قاسم آباد جو فنانس سيڪريٽري عرفان مغل، زاهد کوسو، عهد بلالي، راجا لاکو، عرفان لاکو، نذير ملڪ، شهباز گهوٽو، ديدار علي شاهه، صدام سومرو، نديم لنڊ، سجاد ٻٻر، راجا نهوڙي، عدنان ميمڻ، فائڪ علي لاشاري، وسيم ملڪ ۽ ديدار علي شاهه سميت ڪراچي حيدر آباد، گهوٽڪي، دادو، مورو سميت ٻين ضلعن جا سئو ڪاڪنن شامل آهن، ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جساف مان آيل سمورن ڪارڪنن کي ڀليڪار ڪيو، هن چيو ته سپاف سنڌ جي صدارتي اميدوار عبدالرزاق بروهي نوجوان قيادت گڏ ڪري پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي سپاف سنڌ جي صدارتي اميدوار عبدالرزاق بروهي چيو ته پ پ ۾ نوجوان ۽ پڙهيل لکيل شاگردن کي پارٽي ۾ شامل ڪري پارٽي کي مضبوط ڪرڻو آهي. پ پ ۾ شامل ٿيندڙ جساف جي مرڪزي اڳواڻ امتياز علي شر، ڪراچي  ڊويزن جي صدر منير احمد کوسو ۽ ٻين چيو ته هو رزاق بروهي تي مڪمل اعتماد ڪري سپاف ۾ شامل ٿيا آهن، کين اميد آهي ته سنڌي شاگردن جي حقن لاءِ سپاف بهتر ڪم ڪندي. ان موقعي تي سپاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر غلام محمد ٿهيم، وسيم راهوجو ۽ صمند گاد سميت ٻين سپاف اڳواڻن جساف مان آيل سڀني ڪارڪنن کي ڀليڪار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *