Friday , April 19 2024

ڪراچي، حيدر آباد، سکر فيصل آباد سميت ملڪ جي 10 جي گندي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق:نيوڪ رپورٽ

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) فيصل آباد، راولپنڊي، قلعه عبدالله، سکر، حيدر آباد ۽ پشاور سميت چئني صوبن جي 10 اهم شهرن جي گندي پاڻي جي نيڪال وارن نالين ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر/نيوڪ (اين اِي او سِي ) جي جاري ڪيل ۽ نيوڪ پاران تصديق ٿيل رپورٽ مطابق ملڪ جي 10 وڏن شهرن جي گٽرن جي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪا ڳالهه ان تهائي پريشان ڪندڙ آهي. ان سلسلي اين اي سي او / نيوڪ کانسواءِ صحت واري وفاقي وزارت به تصديق ڪئي آهي. رپورٽ مطابق فيصل آباد، لاهور، راولپنڊي، ڪراچي، سکر، قلعه عبدالله، ڪوئيٽا، ڊيرا اسماعيل خان، پشاور ۽ ڏکڻ وزيرستان وار، شهرن جي گندي پاڻي جي نيڪال وارن ننڍن وڏن نالن جي پاڻي ۾ پوليو وائرس موجود آهي. رپورٽ موجب پوليو وائرس جي موجودگي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پوليو جو ٻارن کي خطرو آهي. صحت جي وفاقي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ قومي فرض آهي. سومر کان سڄي ملڪ ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم ۾ والدين ڀرپور طريقي سان حصو وٺن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *