Thursday , April 25 2024

ڪراچي: پوليس آصف زرداري جي دوست انور مجيد آرائين جي آفيس مان هٿيار هٿ اچڻ وارو مامرو، سنڌ پوليس ۽ رينجرز آمهون سامهون ٿي ويا

policerangers

ڪراچي: پوليس واپاري انور مجيد جي آفيس مان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي جوابدارن جي هٿ اچڻ تائين ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، رينجرز پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ تي اعتراض ڪندي ان کي چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي صدر ٿاڻي جي پوليس واپاري انور مجيد جي آفيسن مان هٿيار هٿ اچڻ وارو ڪيس اي ڪيس ڪلاس ڪرڻ بابت رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي ڄاڻايو آهي ته حفاظتي اپائن تحت بال بمز کي محفوظ ڪيو ويو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب آفيسن مان هٿ ڪيميڪل ڌماڪيدار مادو نه هو پوليس پاران پيش ڪيل چالان موجب جوابدارن تي دهشتگردي جي انت واري قانون جو سيڪش 4 ۽ 5 به لاڳو نٿو ٿئي ۽ جوابدارن جو ڪرائيم رڪارڊ به چيڪ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن موجب رينجرز آفيسن تي ڇاپي دوران پاڻ سان گڏ ڪجهه فائيل به کڻي وئي . چالان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته انور مجيد 2015 کان ملڪ کان ٻاهر آهي ان ڪري جوابدارن جي هٿ اچڻ تائين ڪيس اي ڪلاس ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي. رينجرز، پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ کي چئلنج ڪندي چيو آهي ته اومني گروپ جي آفيسن مان هٿيار هٿ اچڻ جا ثبوت موجود آهن. عدالت اومني گروپ جي سي اي او خواجه سلمان يونس جي ضمانت ۾ 18 فيبروري تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين جوابدران کي چالان جون نقل ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *