Thursday , April 25 2024

بئلٽ پيپر ۾ پسند جو اميدوار نه هجڻ تي رد ڪرڻ جو آپشن شامل ڪيو؛ ڊاڪٽر نتاشا پاران پٽيشن داخل

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ڪو به اميدوار پسند نه هئڻ جي صورت ۾ ووٽر لاءِ بيلٽ پيپر ۾ سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ وارو هڪ خانو به شامل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل، ايڊوڪيٽ جنرل، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ  بيلٽ پيپر تي ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اضافي خانو شامل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ڊاڪٽر نتاشا مصطفيٰ جي درخواست منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن ، سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي  21 جون تائين نوٽيس جاري  ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هائي ڪورٽ  جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ڊويزن بينچ  ووٽرز پاران حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ اضافي خاني شامل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪئي.

درخواستگذار ڊاڪٽر نتاشا  مصطفيٰ پاران ايڊووڪيٽ منظور کوسو عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو ته جيڪڏهن ووٽرز کي چونڊن ۾ حصو وٺندڙڪوبه اميدوار پسند نه اچي ته ان کي سمورن اميدوارن کي رد ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ بيلٽ پيپر تي اضافي خانو شامل ڪيو وڃي. وڪيل مطابق ان خاني شامل ڪرڻ سان سياسي شعور وڌندو ، اظهار جي آزادي ۽ جمهوري نظام  تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڀارت،بنگلاديش،يوڪرين ۽ ڪيناڊا سميت مختلف ملڪن ۾ ووٽرز کي اهو آپشن ڏنو ويو آهي ،انڪري هي آپشن هتان جي ووٽرز کي ملڻ ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *