Wednesday , April 24 2024

ڪجهه طاقتن کي ڪراچي ۽ ڀٽو وچ ۾ قائم ناتو پسند آيو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي کي لنڊن جي قبضي مان آزاد ڪرائيندڙ پيپلزپارٽي ڪراچي واسين کي قومي مصيبت مان ڇوٽڪارو به ڏياريندي، لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته متحده لنڊن جو باني خراب آهي ته پوءِ هن جا ساٿي به خراب آهن، هـُو سٺو آهي ته پوءِ کيس ڇڏي ويل خراب آهن، فيصلو ڪراچي جو عوام ڪري، ڪجهه طاقتن کي ڪراچي ۽ ڀٽو ۾ موجود رشتو پسند نه آيو، گهرن ۾ گهري جيالن کي ماريو ويو، پر ڀـُٽـــَن ڪراچي سان محبتن جو رشتو ختم نه ڪيو.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردار ي چيو آهي ته ايم ڪيو جو باني لنڊن مان ويهي سيڪٽر انچارجن جي ذريعي ڪراچي کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪئي،هاڻ عمران خان کي اجازت نه ڏينداسين ته هو بني گالا مان ويهي ڪراچي تي ڪنٽرول ڪري.الطاف حسين جي سياست خراب هئي،ته ان جا سهولت ڪار به خراب آهن.متحده باني ڪراچي واسين کي ٻوري بندلاش ڏنا.هن چيو ته جيڪي پنهنجي باني جا نه ٿيا اهي عوام جا ڪٿان ٿيندا؟. هن چيو ته مان ڪراچي مان آهيان ۽ ڪراچي وارن جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر مينڊيٽ چورائڻ جي اجازت ڏني ته هو ٽيهن سالن سان پڇتائيندا. بلاول چيو ته  ڪراچي ۾ فنڪارن، اديبن ۽ دانشون جي شهر  ۾ ٽي وي فرج وڪڻي هٿيار خريدڻ جو درس ڏنو ويو ، نوجوانن جي هٿن ۾ ڪتاب جي جاءِ تي هٿيار ڏنا ويا. ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جو مينڊيٽ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي  وڃي.

پ پ چيئرمين لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ڌرين کي ڪراچي ۽ ڀٽي جو رشتو پسند ناهي.ڪراچي مان پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جو خون وهايو ويو. پر اسان صبر جو مظاهر و ڪيو. ڀٽو کي ڪڏهن به ختم ڪري  نٿو ڪري سگهجي.ڀٽو جي نسل نسل جو  ڪراچي سان واسطو آهي.ڀٽوز کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ  ڪراچي ۾ نسل پرستي  جو ٻج ڇٽيو ويو.طاقت جي زور تي پ پ جي طاقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.بلاول چيو ته مفاد پرستن ڪراچي ۾ نفرت پکيڙي،اسان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتي خورن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهنجي  ڪپتاني سنڌ جي وڏي وزير ڪئي. اسان سياسي پارٽين جي عسڪري ونگز خلاف آپريشن ڪيو.ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ پوليس کي سرگرم ڪرڻو پوندو.پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪرڻي پوندي. پ پ جي سربراهه چيو ته اسان لنڊن ۾ ويهي ڪراچي تي حڪمراني ناهي ڪئي.هن چيو ته اهو نظام خراب هو جنهن متحده جي باني کي ٺاهيو.ان دوران ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ملندا رهيا، اهو دور  اسان ختم ڪيو.هن چيو ته الطاف حسين ۽ عمران خان هڪٻئي جو عڪس آهن. بلاول چيو ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ مضبوط جمهوريت جي ضرورت آهي.

هن چيو ته متحده 30 سالن ۾ ڪراچي کي ڪجهه ناهي ڏنو.بلاول واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ  متحده وارا گٽر بند ڪندا هئا. هن سوال ڪيو ته ڪراچي جو دشمن ڪير آهي؟ ڪراچي وارن کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري قومي مصيبت  آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي ايم سي کي اربين رپيا ڏنا،مئير  حساب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، حساب گهرون ٿا ته هو اختيارن جي ڳالهه ڪري ٿو.فاروق ستار چئي ٿو ته ميئر کي 5 ارب رپين جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي صفائي ڪرائڻ ميئر جو ڪم آهي، اسان ڪي ايم سي کي فنڊ ڏنا،ان باوجود شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا.بلاول  چيو ته عمران خان ۽ متحده ۾ ڪوبه فرق نه آهي.هڪ هڙتال ڪرائيندو هو ۽ ٻيو ڌرڻا هڻڻ جو ماهر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشرف دور ۾ متحدا مافيا جيان ڪراچي تي قابض هئي. هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته ووٽ  متحدا وارن کي ملندا رهيا، گاريون اسان کي ڏنيون ويون، اسان وري وري آياسين، اسان کي لفٽ نه ڪرائي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *