Friday , April 26 2024

ڪامران ٽيسوري پاران سون جي واپار ۾ غلط بياني ۽ سرڪاري زمينون ٺڳي ڪري ڦڀائڻ جي جاچ شروع

ڪراچي(اصغر آزاد  سنڌ سماءَ چار) متحده پاڪستان پي آءِ بي ڪالوني گروپ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر جي اميدوار ڪامران ٽيسوري پاران سرڪاري زمينو ٺڳي ڪري پنهنجي نالي ڪرائڻ ۽ سون جي واپار ۾ هيراڦيري/غلط بياني ڪرڻ سميت مختلف غير قانوني طريقن سان ڪاروبار ڪرڻ وارن معاملن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي تحقيقاتي اداري فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي/ايف آءِ اي پاران ڪامران ٽيسوري خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڪامران ٽيسوري خلاف جاچ متحده باني ۽ متحده لنڊن جي غير قانوني طريقن سان مالي مدد ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏيندڙ ۽ سون جي وڏي واپاري حنيف حنيف مرچنٽ پاران ايف آءِ اي کي لکيل هڪ خط کانپوءِ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  ايف آءِ پاران ڪامران ٽيسوري جي بئنڪ کاتن، ڪاروباري ڏيتي ليتي سميت لاڳاپيل رڪارڊ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ حنيف مرچنٽ جي خط بابت معلوم ٿيو آهي ته؛ هُن پنهنجي خط ۾ ڪامران ٽيسوري خلاف گڏيل عرب امارات / يو اي اِي جي شهر دبئي ۾ داخل هڪ ڪيس جي تفصيلن ۽ انٽرپول جي نوٽيس جي ڪاپي به پنهنجي خط سان گڏ ايف آءِ اي ڏانهن اماڻي آهي. حنيف مرچنٽ پنهنجي خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، ڪامران ٽيسيوري سبئي مان سون درآمد/امپورٽ/گهرايو پر پنهنجي وعدي مطابق ان سون جا زيور برآمد/ ايڪسپورٽ/ ٻاهر نه موڪليا. ڪامران ٽيسوري تي اهو به الزام آهي ته، هُن جيمز اينڊ جيولري  انڊسٽريل پارڪ ۾ 68 ايڪڙ زمين پنهنجي ڀاءُ عرفان جي نالي ڪرائي ڦٻائي هئي، جنهن رڳو 17 ڪروڙ ادا ڪيا هئا. ان ئي سلسلي ۾ ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، ايف آءِ اي ڪامران ٽيسوري ڪامران ٽيسوري خلاف مارچ جي ٻئي هفتي کان باقائدگي سان ڪارروائي شروع ڪندي ۽ ان دوران مٿس ڪرڙي نظر رکي ويندي جيئن ڪٿي هُو پرڏيهه ڀڄي نه وڃي.

ڪامران ٽيسوري جو پوليس تحويل ۾ هڪ فائيل فوٽو-ڊان آرڪائيز جي ٿورن سان

ٻئي پاسي ڪارمران ٽيسوري پاڻ مٿان لڳايل الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته هُو جلد پاڻ تي لڳايل الزامن بابت هڪ تفصيلي پريس ڪانرنفس ڪري حقيقتن کي عوام آڏو آڻيندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *