Friday , March 29 2024

ڪالاباغ ڊئم، واپڊا چيئرمين شمس الملڪ، جسٽس(ر) صبيح الدين ۽ مامو يوسف لغاري – اصغر آزاد

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار اڄڪلهه ڪالاباغ ڊئم تي راءِ عامه جوڙڻ جي چڪر ۾ آهي. ان لاءِ عيد کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪالاباغ ڊئم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. ان لاءِ هن اهو به رمارڪس ۾ چيو آهي ته، ڪالاباغ ڊئم لاءِ راءِ عامه جوڙڻ لاءِ ڪراچي کان شروعات ڪئي ويندي. چيف جسٽس صاحب اهو به چيو آهي ته، واپڊا جو چيئرمين شمس الملڪ ڪالاباغ ڊئم بابت بريفنگ به ڏيندو. سو اصل ۾ جڏهن شمس الملڪ جو نالو آيو آهي ته، مون کي به هڪ پراڻو واقعو ياد اچي ويو آهي. منهنجي ياداشت ڀلي ڪونهي پر ان باوجود جيڪا ڳالهه ياد آئي آهي اها اوهان سان ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس صبيح الدين احمد (مرحوم(

هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي (سال ياد ناهي) جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس صبيح الدين احمد (مرحوم) هو. مامو يوسف لغاري سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل هو. چيف جسٽس صاحب جي ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس (جيتريقدر ياد اچي ٿو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي کوٽ سبب زمينن جي تباهي بابت) جي ٻڌڻي هلندڙ هئي. ان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وفاقي حڪومت پاران ڊپٽي اٽارني جنرل به موجود هو. مامي يوسف لغاري جي مدد لاءِ ان وقت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل به سندس ڀر ۾ موجود هو،هاڻي اهو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج آهي.(سندس نالو ڄاڻي واڻي نه پيو لکان)

مامو  يوسف لغاري            

چيف جسٽس صبيح الدين احمد صاحب آڏو دليل ڏنا پي ويا، ته وچ ۾ ڳالهائيندي ان چيو ته، ” ماءِ لارڊ، واپڊا جي چيئرمين ۽ پاڻي معاملن جي ماهر، شمس الملڪ کي به چئون ٿا اهو به ان ڪميٽي ۾ شامل هجي….“ ڊپٽي اٽارني جنرل اڃا ڳالهه ئي پوري نه ڪئي ته، مامي يوسف لغاري کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ته ”چوتيو آهين ڇا، شمس الملڪ سنڌ ۾ آيو ته ماڻهو پادر هڻندس“. مامي جي ڳالهه گهٽ ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندي هئي، انڪري مان به رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ سندس وڃي پاسو وٺندو هوس ۽ هوش حواس سنڀاليل هوندا هئا. مامي يوسف جي ان جملي تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيوهو ”جي مين سمجها نهين“ جنهن تي چيف جسٽس صبيح الدين احمد صاحب مسڪرائيندي چيو هو، ”آپ سمجهين يا نه سمجهين، مين سمجهه گيا، لغاري صاحب بلڪل ڻهيک فرما رهي هين“….

۽ خبر ناهي ته سپريم ڪورٽ واري موجوده چيف صاحب کي ڳالهه الئي جي ڇو سمجهه ۾ نه ٿي اچي…….

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *