Thursday , April 25 2024

ڏوڪڙن تي نوڪريون وڪڻندڙ جو ڪمال، رشوت وٺڻ جو دستاويز ۽ ضمانت طور چيڪ ڏئي ڇڏيو

عارف حسين کي محمد خان برهماڻي پاران ڏنل چيڪ جو عڪس-سوشل ميڊيا تان کنيل عڪس

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سرڪاري نوڪريون ڏوڪڙن عيوض ڏيارڻ لاءِ ايجنٽ ۽ تعليم کاتي جو پاڻ ۾ ڪيل ايگريمينٽ ۽ ضمانت طور ڏنل 48 لک رپين جو چيڪ سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳو، ڪنهن به اختياري معاملي جي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ اڃا تائين نوٽيس ناهي ورتو. تفصيلي رپورٽ مطابق سرڪاري نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ ڏوڪڙن تي نوڪريون وٺي ڏيڻ  جو ڌنڌو ڪندڙ ڪوٽڙي واسي تعليم کاتي جي ملازم محمد خان برهماڻي ولد الهه رکيو برهماڻي ۽ نوڪريون وڪرو ڪرائڻ جي ڊيلر طور ڪم ڪندڙ عارف حسين نالي شخص وچ ۾ ٿيل هڪ سئو رپين وارو دستاويز ۽ سنڌ بئنڪ ڪلفٽن ڪراچي برانچ جو هڪ 48 لک رپين جو چيڪ سماجي رابطن جي سائيٽس تي گردش ڪري رهيو آهي.

لڳ ڀڳ 15 مهينا اڳ 17 فئبروري 2017 تي اهڙو معاهدو ڪراچي ۾ ڪيو ويو. معاهدي لاءِ ڪمشنر محمد علي شيخ نالي نوٽري پبلڪ/اوٿ ان تي تصديقي مُهر به لڳائي آهي. جيڪا پڻ دستاويز تي آساني سان ڏسي ۽ پڙي سگهجي ٿي.

محمد خان برهماڻي پاران عارف حسين سان ڪيل معاهدي  جو دستاويز-سوشل ميڊيا تان کينل

دستاويز مطابق محمد خان برهماڻي پاران عارف حسين نالي شخص سان معاهدو ڪيو هو ته، هُو سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن، روينيو ۽ تعليم  کاتي ۾ نوڪرين جا آرڊر وٺي ڏيندو. انهن نوڪرين جي عيوض عارف حسين نالي شخص محمد خان کي 48 لک رپيا روڪ ادا ڪيا، جن جون رسيدون به کيس ڏنيون ويون. دستاويز ۾ چٽو لکيل آهي ته،  ” جيڪڏهن آءُ محمد خان برهماڻي نوڪرين جا آرڊر عارف حسين کي وٺي نه ڏنا، آرڊر ڪوڙا نڪتا يا ڪو ٻيو ان قسم جو معاملو ٿيو ته، عارف حسين کي منهنجي (محمد خان) پاران 48 لک رپين جو چيڪ ڪئش ڪرائي سگهي ٿو ۽ چيڪ ڪيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ هُو سندس/محمد خان برهماڻي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو به حق رکي ٿو“.

تعليم کاتي جي هڪ ملازم ( دستاويز ۾ لکيل هجڻ مطابق) جيڪو معاهدو ڪيو آهي ان تي اوٿ ڪمشنر تي تصديق ٿيل هجڻ سان گڏوگڏ ان معاهدي جو هڪ شاهد قانون جو رکوالو حبيب الرحمان ايڊووڪيٽ آهي. جيڪو وڪيل ان معاهدي ۾ شاهد طور شامل آهي.  اهڙي معاهدي جي سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث جي باوجود ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *