Thursday , April 18 2024

ڏهرڪي ۾ مڙس هٿان ڪارنهن الزام هيٺ زال قتل، رستي تان گذرندڙ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهو ريتي جي ڳوٺ ٻيروٽا ۾ جوابدار ارباب شر پنهنجي 25 سالن جي گهر واري حسينه کي ڪارنهن الزام هڻي غيرت جو ڪارڻ ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار رستي تان گذرندڙ زميندار کي به ڪات جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد ”مڙس ماڻهو“ قاتل پوليس ڀؤ کان ڀڄي ويو، پوليس ڪا به ڪارروائي ڪا نه ڪئي. مقتول عورت ۽ زميندار جا مڙهه دفنايا ويا.

ڏهرڪي جي ڳوٺ ٻيروٽا ۾ جوابدار ارباب شر ڪارنهن الزام هڻي پنهنجي نوجوان  زال مسمات حسينا کي گهر اندرقتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُنن مزاحمت ڪئي، جنهن بعد جوابدار کيس ڪات جا وار ڪري مرڻينگ ڪرڻ بعد رسن سان ٻڌي بيدرديءَ سان ڪات جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ان دوران عورت جي رڙين تي گهر جي ڪنهن به ڀاتي کيس بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جوابدار ارباب علي شر غيرت جي نالي تي پنهنجي زال تي تهمت هڻي قتل ڪرڻ بعد ساڳيو ڪات کڻي گهران نڪري ويو، ۽ رستي تان گذرندڙ زميندار رڪن شر کي زال سان ڪارو هجڻ جو الزام هڻي ڊوڙائي ڊوڙائي ڪات جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. غيرت جي نالي تي قتل 2 انساني جانيون وٺندڙ جوابدار ارباب علي  شر پوليس جي ڀؤ کان ڀڄي ويو، جنهن کي پوليس اڃا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي.

ٻٽي قتل جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعن وارن هنڌن تي پهچي عورت حسينا ۽ زميندار رڪن شر جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتي ٻنهي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا. پوليس ٻٽي قتل جو ڪيس به داخل ناهي يڪيوي ۽ نه ئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪارروائي ڪري سگهي آهي.

ٻئي طرف مقتول زميدار رڪن شر جي ڀاءُ جهنگل خان شر ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته، هنن علائقي ۾ زرعي زمين مقاطئي تي کنئين هئي، جنهن جي بيٺل فصل تي ارباب شر وارا قبضو ڪري رهيا هئا، جنهن تان ساڻن تڪرار هلندڙ هو. هن چيو ته ارباب شر زمين ۽ فصل تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوڙو الزام هڻي سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ۽ پنهنجي زال تي به ڪارنهن جو بهتان هڻي کيس قتل ڪيو. پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪو قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته کيسن ارباب شر مان اڃا به خطرو آهي، کيس فوري طور تي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *