Saturday , April 20 2024

ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي ( رپورٽرز  سنڌسماءَچار ) ڏھرڪي ڀرسان ڪمند جي فصل مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ، ٽنهي جو واسطو پنجاب جي مختٿلف علائقن سان آهي، لاش اسپتال ۾ رکيل، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن سان رابطي جون ڪوششون ڪيون پوين وڃن. ڏهرڪي جي نئون ڪوٽ واري علائقي ۾ ڪمند جي فصل مان هٿ آيل ٽن ڄڻن جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته، لاشن جي ڪپڙن مان مليل سڃاڻپ ڪارڊن جون ڪاپيون مليون آهن، جن جي بنياد تي ٽنهي جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. هٿ آيل لاشن ۾ ياسرعلي پٽ خادم حسين، ابوبڪر پٽ مسعود ۽ عبدالملڪ پٽ حضرت خان طور ٿي وئي آهي. سڃاڻپ ڪارڊز تي لکيل ڏس پتي مطابق عبدالمالڪ ڪرم ايجنسي، ياسر جو تعلق پاڪپتن پنجاب ۽ ابوبڪر جو تعلق حافظ آباد پنجاب سان آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي کي مٿي ۾ هڪ هڪ گولي لڳل آهي، جنهن وقت لاش مليا ان وقتن سندن  جسم مان رت وهي رهيو هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي تھ ٽنهين لاشن جي مٿان هڪ پرچي ملي  آهي جنهن جي مٿان غدار لکيل آهي، ٽن ڄڻن جا لاش ملڻ  کان پوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *