Friday , March 29 2024

ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي جاعلائقا 10 سالن کان ننڌڻڪا بڻيل، نمائندا به گم

ڏھرڪي ( علی مراد رپورٽر سنڌسماءَچار) عوامي حڪومت ۽ مڪاني ادارن جي هجڻ باوجود ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي جا ننڍا وڏا ڳوٺ به لاوارث بڻيل آهن. عوام لاوارث بڻجي ويو آهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ گندگي جا ڍير، روڊ ۽ رستا تباهه ٿي ويا آهن، پر چونڊيل ايم پي ايز، ايم اين ايز توڙي مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا به ڪو ٻوٽو ٻاري ناهن سگهيا. ڏھرڪي،ميان عبدالسميع پاڙي، داد روڊ، ريتي، ليبر ڪالوني، بلوچ ڪالوني سميت سوين ڳوٺ، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آَهن. گندگي سبب شهر جي مختلف پاڙن جي رهواسين ۾ بيمارين پکڙجڻ جو به انديشو آهي.

 ڏھرڪي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ علائقو لاوارثي واري حلات ۾ هجڻ ڪري شهر جي ميان عبدالسميع پاڙي، داد روڊ، ريتي، ليبر ڪالوني، بلوچ ڪالوني سميت ٻين علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ بعد گم ٿي ويا آهجن، اسان جي ڪير به سار لهڻ وارو ناهي. گندي پاڻي جو نيڪال نه هجڻ سبب گندو پاڻي رستن ۽ گهرن  اڳيان تلائن جي صورت ۾ بيهڻ سبب مڇرن ۾ واڌ سبب مليريا ۽ ٻين بيمارين جي ڦهلجڻ جو به انديشو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *