Thursday , March 28 2024

ڏاهي ۽ دانشور جاويد ڀٽو جو مڙهه 9 مارچ تي شام جو ڪراچي پهچايو ويندو

واشنگٽن (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ۾ قتل ٿي ويل نامياري ڏاهي، دانشور ۽ فلاسافر جاويد ڀٽو جو مڙهه پاڪستان آڻڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، سندس وني نفيسه هودڀائي ۽ سالو پرويز هودڀائي مڙهه کڻائي 9 مارچ ڇنڇر ڏينهن ڪراچي پهچندا، مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ پرويز هودڀائي آمريڪي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. آمريڪي شهر واشنگٽن ۾ قتل ٿي ويل سنڌ جي صوفي، سنڌ دوست، دانشور پروفيسر جاويد ڀٽو جو مڙهه 9 مارچ تي ڇنڇر ڏينهن امارات جي فلائيٽ EK 232 ذريعي شام جو 6 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ پهچندو. آمريڪي اختيارين کان لاش وصول ڪري ڏيهه آڻڻ لاءِ جاويد ڀٽو جو سالو ۽ ناميارو دانشور پروفيسر پرويز هودڀائي واشنگٽن ۾ موجود آهي جتي هُو لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. ضروري قانوني ڪاررواين بعد مڙهه کي کڻائي 8 مارچ جمعي ڏينهن واشنگٽن کان ڪراچي لاءِ روانو ٿيندو، ساڻس گڏ جاويد ڀٽو جي گهرواري نفيسه هودڀائي پڻ هوندي. پوليس جاويد ڀٽو جي قتل بعد تحويل ۾ ورتل گاڏي سميت سندس ٻيو ذاتي سامان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مقامي پوليس جو چوڻ هو ته قتل واري واقعي جي جاچ پوري ٿيڻ بعد سامان وارثن حوالي ڪيو ويندو. ان کان اڳ واشنگٽن پوليس پاران قتل جي واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز پڻ جاري ڪيا ويا آهن. فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو هو ته جاويد ڀٽو پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري لٿو ۽ ڊگيءَ مان سامان کڻي رهيو هو ته سندس پويان اوچتو قاتل آيو، جنهن پهرين گاڏي تي فائرنگ ڪئي، فائر جي آواز تي جاويد ڀٽو مڙي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته قاتل سندس پويان ڊوڙندو فائرنگ ڪندو رهيو. هيٺ ڪرڻ بعد به قاتل مٿس فائرنگ ڪندي نظر اچي رهيو آهي، قاتل جاويد ڀٽو تي تشدد ڪندي به نظر اچي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *