Friday , March 29 2024

ڌانڌلين خلاف جي ڊي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو: پير پاڳارو/اياز لطيف پليجو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳاري چونڊ نتيجن کي رد ڪندي 3 اگسٽ جمعي ڏينهن ڌانڌلين خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪندي ڌانڌيلن خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پير پاڳاري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چونڊ نتيجن کي اليڪشن ٽربيونلز ۾ چئلينج ڪرڻ جو به فيصلو، پير پاڳاري چيو آهي ته عوام پاران گهيراءُ ڪرڻ باوجود پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي 90-90 هزار ووٽ ڪيئن مليا؟ اسان جي هر تڪ ۾ 10 هزار ووٽ خارج ڪيا ويا، ڌانڌلين جي شروعات چونڊن کان اڳ ئي ڪئي وئي پر انهن جو ڪو به ازالو نه ڪيو ويو. جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري به عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو،هن اعلان ڪيو ته نتيجن کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويندو، اتحاد جي سيڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجي 3 آگسٽ تي جمعي ڏينهن سموري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. هن چيو ته اليڪشن ۾ 12 ۽ 13 جولائي کان ڌانڌلين جي شروعات ڪئي وئي،پري پول ڌانڌلي جي شڪايت ڪئي،پر ڪوبه ازالو نه ڪيو ويو. پير پاڳاري چيو ته پ پ اميدوار اليڪشن مهم ئي هلائي نه سگهيا، ته پوءِ اهي 90، 90 هزار ووٽ کڻي ڪيئن ڪامياب ٿيا؟ هن چيو ته هر تڪ مان اسان جا 10 هزار ووٽ رد ڪيا ويا،اسان ڪورٽ ۽ ٽربيونل ۾ به وينداسين. پير پاڳاري چيو ته آڱوٺن جا نشان چيڪ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ وينداسين،ان سلسلي ۾ عمران خان جي حڪومت مداخلت نه ڪندي.هن چيو ته عمران خان ملڪ هلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.هن چيو ته 2018 جون چونڊون سڀني کان وڏو فراڊ آهي. جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجي چونڊن نتيجن کي رد ڪندي 3 آگسٽ تي جمعي ڏينهن سموري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾  مظاهرا ڪري سموري ملڪ کي ٻڌايو ويندو ته وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون. هن اليڪشن جي ڏينهن جي ڊي اي جي ايجنٽن کي فارم 45 به فراهم نه ڪيو ويو. اياز لطيف پليجي چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *