Friday , April 26 2024

ڌارين جي لوڌ سان سٿيل سنڌ – امير ڀنڀرو

وفاقي گهرو وزارت پوري ملڪ ۾ رهندڙ رجسٽرڊ غير ملڪين جي تفصيل پيش ڪندي اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته چئني صوبن مان سڀ کان وڌيڪ غير ملڪي سنڌ ۾ آباد آهن، وفاقي گهرو وزارت موجب هن وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ رجسٽرڊ پرڏيهي رهندڙن جا انگ اکر هي آهن، هن وقت سنڌ ۾ هڪ لک 13 هزار 509 آهن پنجاب ۾ رڳو 4433 ڪي پي ڪيءَ ۾ 560 اسلام آباد ۾ 31 ۽ بلوچستان ۾ 1323 غير ملڪي رهن ٿا، هنن انگن اکرن ۾ ايتري حيرانگي ناهي جيتري حيرانگي انهن انگن اکرن پويان لڪيل غير قانون پرڏيهن جي لوڌ جي انگن اکرن ۾ آهي، جيڪي سنڌ جي نجات واري هر رستي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجن ٿا.

وفاقي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل رجسٽرڊ انگن اکرن مان اهو اندازو به آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو ته جڏهن سنڌ ۾ رجسٽرڊ پرڏيهين جا انگ اکر ٻين صوبن کان هزارين سيڪڙو وڌيڪ آهن ته سنڌ مٿان غير قانون پرڏيهن جو بار ڪيترو هوندو، گهرو وزارت جي اصل ڪارڪردگي تڏهن ڳڻي وڃي ها جڏهن هو سنڌ سان انصاف ڪندي سنڌ ۾ رهندڙ انهن غير قانوني پرڏيهين جا صحيح انگ اکر ايوان ۾ پيش ڪن ها جيڪي سنڌ ۾ 1947 کان بار آهن ڇو جو سنڌ هميشه بين الاقوامي يتيم خانو رهي آهي، هتي توهان کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا انڌا، منڊا، لولا ۽ لنگڙا ماڻهو ملندا، هتي انهن کان ڪوبه پڇا ڪرڻ وارو ڪونه آهي ته توهان ڪٿان آيا آهيو؟ يا توهان کي هتي ڪنهن آندو آهي؟ بس هتي جيڪو آيو سو اگھي ويو وارو ڪم هلي رهيو آهي.  هن وقت سنڌ ۾ افغاني پٺاڻ تمام تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو ڪونه آهي، افغانستان مان آيل افغاني هتڙي آساني سان شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا مستقل رهاڪو ٿي رهيا آهن، پوري  سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ڪشمور کان ڪارونجهر تائين   قبائلين، افغان پناهگيرن، بنگالين، برمين،  زمينن تي قبضا ڪري ورتا آهن  يا سنڌي ماڻهن کان انهن کي ٻڌايل رقم کان به وڌيڪ پئسا ڏيئي انهن کان جڳهيون، پلاٽ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن علائقن مان سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري ڪڍي رهيا آهن،.حيدرآباد ۾ افغاني پٺاڻن جي آباد ڪاري ڪا لڪل ڳالهه ڪونه آهي ان جي خبر سنڌ پوليس کي به چڱي ريت آهي، ڪجهھ ڏينهن اڳ ۾ سنڌ پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار به ڪيو هيو پر پوليس سڳوري جھجھا پيسا حاصل ڪري انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي هو آزاد آهن انهن کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ وارو ڪير ڪونه آهي.

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪو نئون مسئلو ڪونه آهي پر هتي 1947ع کان هي سلسلو جاري آهي جيڪو اڃا تائين بند نه ٿيو آهي ۽ مسلسل ان ڌارين جي آبادڪاري نه فقط سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهي آهي پر انهن جا حق به غصب ڪيا پيا وڃن، جنهن جي ڪري اڄ پنج هزار سال پراڻي سنڌي قوم تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي ڪوبه انهن کان حال پڇڻ وارو ڪونه آهي. اڄ سنڌ اندر سنڌين جو هي حال آهي ته سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون نه ٿيون ملي سگھن.  اڄ ڏينهن ڏٺي جو سنڌين کان ملڪيتون ڦري انهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، ڪوبه سنڌي اڳواڻ اهڙو ڪو سنڌ سان مخلص ڪونه آهي جيڪو سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اٿاري سگھي، هتي هر سنڌي ڊنل آهي، هتي هر سنڌي ماڻهو کي بندوق جي زور تي هيسايو پيو وڃي، سرڪار هجي توڙي، اسان جا اڳواڻ انهن ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت نه ڪئي آهي. نه ئي ڪا اهڙي قومپرست ڌرين جي انهيءَ معاملي تي ڪا تاريخي جدوجهد سامهون آئي آهي، جيڪا سنڌ جي انهي وڏي ۾ وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ طرف وٺي وڃي.اڄ ڌاريا جتي به پنهنجا پير کوڙين ٿا اتي اڳ ۾ پنهنجن ٻين ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سوچين ٿا ڇاڪاڻ ته جيترا انهن جا ماڻهو گھڻا هوندا اوتري انهن جي طاقت وڌيڪ ٿيندي. بس اهي اسان جا ڌرتي ڌڻي ئي آهن  جيڪي ڪنهن سنڌي جا ٻه گھر هوندا ته اهي ٻئي سنڌي اهو چاهيندا ته جيڪر پاڙي وارو سنڌي لڏي وڃي ته بهتر ٿيندو، اهو نه سوچيندو ته سندس طاقت به گھٽ ٿيندي پر سنڌي ماڻهو هر ٻئي سنڌي جا پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جڏهن ته ڌاريا ائين ناهن ڪندا اهو ئي سبب آهي ته اڄ سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿيندا وڃن پيا ۽ ڌاريا اسان وٽ اڪثريت ۾ تبديل ٿين پيا، جيڪڏهن اسان هن وقت سنڌ جي اهڙي صورتحال ۾ به هڪ نه ٿياسين ته پوءِ ڪڏهن ٿينداسين جڏهن اسان کي اهو وقت تاريخ جي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيندو….؟

هڪ طرف سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ پنجاهه لکن کان به وڌي چڪي آهي ٻئي طرف سنڌ جي ترقيءَ جون راهون روڪيندڙ مدرسن جو وڌنڌڙ رجحان به پنجاهه  سالن کان ڳچيءَ ۾ پيل آهي جيڪو انهي انتها پسندي کي هٿي ڏئي ٿو جيڪا انتها پسندي سنڌ جي ترقيءَ ۾ شروع کان ئي وڏي ۾ وڏي وڪاوٽ بڻجندي رهي آهي، پوري سنڌ جي ڪنڍ ڪنڍ ۾ ڌارين جي لوڌ  ۽ سنڌ ۾ ڇانوڻين جي صورت اختيار ڪندڙ مدرسا سنڌ ۾  بدامني ۽ انتهاپسندي جو اهو طوفان برپا ڪري چڪا آهن جنهن جي راهه ۾ رڪاوٽ هاڻي رياست لاءِ به چئليج  آهي،  سنڌ جي تباهه ٿيندڙ تعليمي نظام ۽ غربت جي وڌندڙ سطح کي هٿيار بڻائي مدرسن جي معرفت سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين مذهبي انتهاپسندي جو ڄار وڇائي ٻارڙن کي مذهبي تعليم جي نالي ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. جتي انهن ٻارڙن کي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ لٽا ڪپڙا پڻ مهيا ڪيا  وڃن ٿا، جڏهن ته اهڙن مدرسن جي مالي سهائتا ۽ قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ ملڪ جا سرڪاري ادارا پڻ شامل آهن،  جن مدرسن  ۾ ٻاهرين ملڪن جا هٿياربند ويڙهاڪ پناهه وٺن ٿا يا اتي اهڙي قسم جي سوچ جي تربيت ڏني وڃي ٿي، جنهن سان سنڌ جي مذهبي رواداري واري ڪلچر کي وڏو ۾ وڏو خطرو آهي مدرسن جي اهڙي خطرناڪ ۽ وڌنڌڙ نيٽ ورڪ ۽ انتها پسند سوچ جي تيزيءَ سان ترقيءَ کان پوءِ به حڪمران ڌرين جو خاموش ڪردار ۽ ڪارواين کان لهرائڻ انهي ڳالهه جي اڳڪٿي ڪري ٿو ته يا ته اهي رياستي طاقت کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن،  يا انهن سان حڪومت جي حمايت شامل آهي.

سال اڳ ۾ سنڌ حڪومت پاران مدرسن جي سروري ۾ اهو به ثابت ٿيو هو ته سنڌ جا ڪيترائي مدرسا انتها پسندي کي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي مدد ڪرڻ ۾ ملوث آهن اهو سنڌ سرڪار پاڻ به اعتراف ڪري چڪي آهي پر انهي باوجود به سنڌ سرڪار پاران ڪاروائي نه ڪرڻ تي پوري سنڌ جي عوام کي حيرت آهي، سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ٻوجهه  قبائلين، افغان پناهگيرن، بنگالين، برمين، بهارين وغيره جي سنڌ ۾ وڌنڌڙ آباد ڪاري ۽ انهي عمل ۾ سنڌ سان وفاق جي ناجائزي سنڌ کي تيزي سان تباهي ڏانهن وٺي پئي وڃي، تازو جيئن وفاق پاران سنڌ مٿان سالن کان ٻوجهه بڻيل  برمين ۽ بگالين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ بجاءِ انهن کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاروبڻائڻ  لاءِ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو اهو سنڌ جي حقن تي وڏو ۾ وڏو ڌاڙو هنيو ويو، اهڙي وفاقي سوچ ۽ ڪوشش سان سنڌ ۾ وڌنڌڙ سالن کان بک بدحالي ۽ بي روزگاريءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ، ۽ سنڌ جو عوام سالن کان اهو مطالبو ڪندو پيو اچي ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي انهن ڌارين جي آبادگاريءَ سبب  عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي ، انهي سان سنڌ جي عوام جي روزگار تي اثر پوي ٿو سنڌ جا ڄايا حقن روزگار ۽ تعليم کان محروم ٿين ٿا، ۽ وڏي ڳالهه ته سالن کان سنڌ جي بگڙيل امن جا پيرا به انهن ڌارين جي لوڌ ڏانهن وڃن ٿا ، جيڪي بدامنيءَ جي باهه کي تيزي سان هٿي ڏين ٿا.سنڌ جو عوام سالن کان اهو خدشو ظاهر ڪندو پيو اچي ته ملڪي صوبائي ۽ ضلع سطع جو ڪيتريون ئي رپورٽون به سامهون اچي چڪيون آهن،  ته سنڌ ۾ سالن کان وڌنڌڙ بدامني ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو وڏو حصو ملوث آهي جڏهن ته سنڌ ۾ خطرناڪ ۽ جديد هٿيار به انهن جي علائقن مان انهن جي مدد سان پهچن ٿا ، اسان جڏهن سنڌ ۾ وڌنڌڙ بک بدحالي بدامني ۽ بي يقيني واري  صورتحال جا مڪمل پيرا کڻنداسين ته اسان کي سڌيءَ ريت مدرسن ۽ ڌارين جي آباڪاريءَ جي ملوث هجڻ جا پيرا ملندا ، اهڙي صورتحال ۾ وفاق پاران ڌارين کي اڃان وڌيڪ سرگرم ۽ مضبوط ڪرڻ اسان جي خيال ۾ وفاق پاران سنڌ ۾ بدامني بک ۽ بدحاليءَ کي دعوت ڏيڻ آهي،  جنهن جا نشان اسان کي هاڻي ئي سمجهه ۾ اچن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *