Friday , March 29 2024

ڌارين جي آبادڪاري ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ واري فيصلي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ )سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ بچايو ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي، خيرپور، حيدر آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون بهگ ڪڍيون ويون. ڪراچي ۾ الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ رسول بخش پليجو به شرڪت ڪئي. ميرپور خاص ۾ ڊاڪٽر مير عالم مري، صالح آريسر، فاضل سمون ، منظور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي محمود ڀٽو، سراج ڪلهوڙو، محمد علي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. عمرڪوٽ ۾ ايس يو پي جي روشن منگريو، جسقم جي رمضان خاصخيلي، ارباب ڀيل، مهيار بنگلاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ ايس يو پي جي نياز پنهور، ايس ٽي پي جي يونس سولنگي، غلام رسول لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر۽ پلي ڪارڊ کڻي ميونسپل پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو. نوشهري فيروز ۾ ڪارڪن خادم سيال، حبيب مشوري، خان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.      خيرپور ۾فياض خميساڻي، استاد ايوب لاشاري، ڪرم حسين وساڻ، جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڊگهڙي ۾ عوام تحريڪ جي محمد بخش جروار ، سونهارو نوحاڻي ، مير لياقت ٽالپر  ۽ ٻين جي جي اڳواڻي ۾ڊي ،ايس،پي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

شهدادپور ۾ عوامي تحريڪ پاران رفيق جکرو ،صادق ڪٻر، عالم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لطيف پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ساماري ۾  عوامي تحريڪ جي نولراءِ ميگهواڙ ، هريش مالهي ، امر لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ سڪندر سوڍر، شبير منگي ،  ابراهيم چانڊيو، معشوق ڀٽي ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال کان گهنٽاگهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيوويو. ڏهرڪي ۾ ايس يو پي جي حاتم شر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙن کي نيڪالي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *