Friday , April 19 2024

ڊکڻ ۾ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، پوليس ڳوٺاڻي کي گرفتاڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو

شڪارپور ( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊکڻ پوليس 4 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، لاڪ ۽ مختلف هنڌن تي رکي تشدد ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي ريڊ ڪمشنر پاران ٿاڻي تي ڇاپي دوران پوليس نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو. ڊکڻ ويجهو نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي تي ناحق باندي بڻايل نوجوان جي بازيابي لاءِ عدالتي ڇاپو هنيو ويو، پوليس کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جي پوليس حراست ۾ موجودگي واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي، جنهن ۾ هو زنجيرن سان ٻڌل حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور جي حڪم تي ريڊ ڪمشنر منور علي شر ناحق باندي بڻايل نوجوان نويد ڪلر جي بازيابي لاءِ نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي تي ڇاپو هنيو. عدالتي ڇاپي جي کڙڪ پوڻ تي پوليس نوجوان کي اڳواٽ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري نوجوان جي بازيابي عمل ۾ اچي نه سگهي. نوجوان نويد ڪلر جي پوليس حراست ۾ موجودگي واري وڊيو منظرعام تي اچي وئي، جنهن ۾ هو زنجيرن سان ٻڌل حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي. ڳوٺاڻن جاويد ڪلر ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس سندن نوجوان کي 4 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو ۽ سندس آزادي لاءِ رشوت گهري هئي. هنن چيو ته کين خدشو آهي ته پوليس سندن نوجوان کي هاف فرائي يا فل فرائي ڪري ڇڏيندي، جنهن ڪري سندس حياتي کي خطرو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي سندن گرفتار نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *