Friday , April 19 2024

ڊفينس ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ماريل نوجوان جي والد جو پوليس تي عدم اعتماد

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان انتظار حسين جي والد جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس ڪيس لوڙهڻ لاءِ نئين ڪهاڻي گهڙي رهي آهي.جيستائين سي سي ٽي فوٽيجز جاري نٿا ٿين ۽ ايس ايس پي مقدس حيدر  گرفتار نٿو ٿئي،معاملو نه سلجهندو. ڪراچي ۾ پوليس هٿان قتل ڪيل نوجوان انتظار حسين جي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

آئي جي سنڌ اي سي ايل سي جي سربراهه مقدس حيدر کي عهدي تان ته هٽائي ته ڇڏيو پر ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. انتظار حسين جي والد حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سي سي ٽي فوٽيجز جاري ڪيا وڃن ۽ ايس ايس پي مقدس حيدر کي گرفتا ر کي جاچ ڪئي وڃي. جاچ ڪندڙ ٽيم جو چوڻ آهي ته انتظار قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي  مقدس حيدر جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن نوجوان کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ۽ انتظار جي دوست مڌيحا ڪياني جو به بيان ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف واقعي جو فون ريڪارڊ جاري  ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ پوليس  ڄاڻايو آهي ته عمران نالي ڇوڪري مديحه ۽ انتظار جي دوستي ڪرائي هئي.جڏهن ته موبائل ريڪارڊ ۾ ايس ايس پي اي سي ايل سي جو نمبر ڪارڊ نه مليو. فون ريڪارڊ ۾ ڄاڻايو  ويو ته مديحا ۽ انتظار ۾ واقعي کان 8 کان 10 اڳ ۾ عمران نالي نوجوان دوستي ڪرائي هئي.هن جي دوستي کي گهڻا ڏينهن نه ٿيا هئا.جاچ ٽيم مطابق موبائل ريڪارڊ انتظار جي والد ۽ گهر ڀاتين پاران شڪ کان پوءِ چيڪ ڪيو ويو.جاچ ٽيم مطابق انتظار ۽ ان جي دوست مديحا جي موبائل جو ريڪارڊ به چيڪ ڪيو ويو. موبائل ريڪارڊ مطابق ايس ايس پي اي سي ايل سي  جو نمبر ڪارڊ نه مليو آهي. جاچ ٽيم مطابق  انتظار جي قتل تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن،جن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ سموري صورتحال بابت انتظار جي والد کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *