Friday , March 29 2024

ڊاڪٽر عاطف آرائين آپگهات ڪئي يا کيس قتل ڪيو ويو؟ معاملو ڳجهارت بڻيل

ڄامشورو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگرد جو هاسٽل مان هٿ، ڊاڪٽر عاطف آپگهات ڪئي يا کيس قتل ڪيو ويو، معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ٿرڊ ايئر جي بدين واسي شاگرد ڊاڪٽر عاطف آرائين جو يونيورسٽي جي هاسٽل جي روم نمبر 61 مان هٿ ڪيو ويو، ال-سينا بوائيز هاسٽل ۾ عاطف آرائين سان گڏ رهندڙ شاگرد عبدالرافع ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ روم ۾ واپس آيو ته در نه کُليو، اُن کانپوءِ شاگرد هاسٽل ۽ لمس انتظاميا کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد تالا ٽوڙي دروازو کوليو ويو ته ڊاڪٽر عاطف جو ڪمري ۾ گوليون لڳل لاش پيل هو. شاگردن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاطف جو رت ۾ ٻڏل لاش بيڊ تي پيل هو. عاط آرائين جي مٿي ۾ گولي لڳل هئي. لاش جو اطلاع فوري طور تي ڄامشورو پوليس ڊاڪٽر عاطف جو مڙهه تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو محمد توقير صحافين کي ٻڌايو ته شروعاتي طور لڳي ٿو ته شاگرد آپگهات ڪيو آهي، پر جاچ جي حوالي سان 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ايس ايس پي ڄامشورو ٻڌايو ته لمس انتظاميا کي به واقعي جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اها به جاچ ڪئي ويندي ته هاسٽل تائين هٿيار ڪيئن پهتو؟ واقعي جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولڻا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *