Wednesday , April 24 2024

ڊاڪٽرن جي انٽرويو ذريعي ڀرتي،آصف زرداري، فريال ۽ عذرا پيچوهو جو منصوبو!

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ”سنڌ حڪومت پاران ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرز جون تڪڙيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ ڪيل فيصلو نه پر خواهش آهي، فريال ٽالپر گذريل ٻن مهينن کان ان لاءِ منصوبابندي ڪئي“. اهو چوڻ آهي پيپلز  پارٽي جي هڪ ايم پي اي جو. سنڌ حڪومت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي واري امتحان کانسواءِ سکڻا انٽرويو وٺي اميدوارن جي چونڊ ڪري ڊاڪٽرز ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي جا سنڌسماءَچار پاران پيرا کنيا ويا ته، نيٺ هڪ ايم پي اي نالو نه لکڻ جي شرط معاملي بابت ڪجهه حقيقتون ٻڌايون آهن. اُهي پيرا ”فريال ٽالپر کان ٿيندا بلاول هائوس يعني آصف زرداري، عذرا پيچوهو کان ٿيندي وڏي وزير ۽ آخر ۾ قانون واري کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وٽ پهتي جنهن اهڙو اعلان ڪيو“، پ پ ايم پي اي وڌيڪ ٻڌايو ته، فريال ٽالپر لڳ ڀڳ ٻه مينا اڳ هڪ ”محنتي وزير“ کي چيو ته صحت کاتي جي وزارت وٺ ۽ 1500 کان اڍائي هزارن تائين ڊاڪٽرز ڀرتي ڪر؛ لڳ ڀڳ پنج هزار پيراميڊيڪل استاف جون ڀرتيون ڪرڻيون پونديون، ڊاڪٽرن جون ڀرتيون چٽاڀيٽي واري امتحان کانسواءِ ڪرڻ جو به حل ڪڍيو ويندو“. ساڳئي ايم پي اي ٻڌايو ته، ”ان محنتي وزير“، ائين ڪرڻ کان معذرت ڪندي ڪو ٻيو کاتو ڏيڻ ۽ مڪمل صلاح مشوري سان ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو، سندس اهڙي خواهش جو احترام ڪيو ويو آهي ۽ هُو به وعدي تي عمل ڪري پيو، ايم پي کلندي کلندي ٻڌايو“، ابا  اهڙا ڪم پاڻ کان زور آهن، ڏوڪڙ ڪمائجن پر صفا ائين به نه ڪجي، ساڌ مان به ناهيان، پاڻ مهيني ۾ مقررين بدلين سميت ٻه چار فائل اڳڀرائي ڪرائي پيا ڪم هلايون.“

ان ئي سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان وڌيڪ مليل معلومات مطابق، فريال ٽالپر ۽ عذرا افضل پيچوهو، آصف زرداري کي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن جي ڀرتي واري معاملي  صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو کان ٿيندا آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تائين پهچي ويا. سي ايم هائوس جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب فريال ٽالپر ۽ عذرا افضل پيچوهو آصف زرداري کي چئي وڏي وزير صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتيون ڪرڻ کانسواءِ ئي 1300 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ڀرتي ڪرائڻ لاءِ قانون واري کاتي جو سهارو ورتو ويو آهي. وڏي وزير فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جي چوڻ ته ڊاڪٽرز جي سڌي ريت ڀرتي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. جن کي بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان واري مرحلي مان گذاريو ويندو. ان بابت صحت کاتي جي هڪ سينئر آفيسر ٻڌايو آهي ته، ڊاڪٽرز جي هن طريقي سان ڀرتي لاءِ ڪهڙا به جواز ڄاڻايا وڃن، اُهو عمل غير قانوني آهي ۽ غير قانوني ئي رهندو، لڳي نه ٿو ته ڪو ان تي عمل ٿي به سگهندو، جيڪڏهن ڪنهن سياڻي ڊپٽي سيڪريٽري يا سيڪشن آفيسر ان ۾ هڪڙي سٽ به قانون جي دائري ۾ رهي فيصلو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته معاملو اتي ئي ختم ٿهي ويندو. هن ٻڌايو ته، جيڪڏهن اُي ڀرتيون ٿي ويون ته سڄو معاملو، صحت کاتي جي سيڪريٽري، لاڳاپيل ڊپٽي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪشن آفيسر جي ڳچيءَ ۾ پوندو.

هن سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيل جيئن جيئن ملندا ته سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪندا رهنداسين-سنڌسماءَچار سٿ)

صحت جي وزير عذرا پيچوهو ۽ فريال ٽالپر جي خواهش، ڊاڪٽرز چٽاڀيٽي واري امتحان کانسواءِ ڀرتي ٿيندا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *