Tuesday , April 23 2024

ڊان ليڪس مامري جو ڊراپ سين، آءِ ايس پي آر پنهنجو 29 اپريل وارو ٽويٽ بيان واپس وٺي ڇڏيو – نورين لغاري دهشتگرد نه هئي ان لاءِ کيس استعمال ڪيو پي ويو: ميجر جنرل آصف غفور

Asif Ghafoor 1

وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات بعد ڊي جي آءِ ايس پي آر 29 اپريل وارو ٽويٽ واپس وٺي ڇڏيوآهي، ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ٽويٽ يا پريس رليز ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه پر اڻپوري نوٽيفڪيشن بابت هو، وفاقي گهرو وزارت موجب ته ڊان ليڪس رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ڊي جي آ ءَ ايس پي آر  آصف غفور راولپنڊي ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽرز ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ وزيراعظم هائوس مان  ڊان ليڪس رپورٽ جي پيرا 18 تحت حڪم جاري ٿيو آهي،جنهن بعد سڀ غلط فهميون ختم ٿي ويون آهن. سندس چوڻ هو ته غلط فهمين جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، وفاقي گهرو وزير اڄ مڪمل نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. اسان جو ٽوئيٽ نامڪمل سفارشن بابت هيوٽوئيٽ رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي،اصل ۾ اها پريس ريلز ئي هوندي آهي.

dawn leaks 1

ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  جمهوريت خلاف ڪارروائي ڪرڻ واري ڪا ڳالهه نه هئي، پاڪ فوج جمهوريت جي ائين حامي آهي جيئن ملڪ جو عام ماڻهو جمهوريت جي حمايت ڪري ٿو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته احسان الله احسان کي پيش ڪرڻ جو مقصد کيس هيرو ڪرڻ ناهي، سندس خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. اسان جو مقصد اهو آهي ته دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته احسان الله احسان کي ڪنهن جي چوڻ تي ڪم ڪيو ۽ ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ افغان فوج وچ ۾ فائرنگ نه ٿيڻ گهرجي ها، ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاٽ لائين رابطن دوران معاملو پر امن طور حل ڪرڻ جو طئي ٿيوهو.

Ahsanullah

ان کان اڳ وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات جي نتيجي ۾ ڊان ليڪس واري تڪرار جو نبيرو ٿيو. بيان موجب ڊان ليڪس رپورٽ جي روشني ۾  طارق فاطمي کي عهدي تان هٽايو ويو، رائو تحسين خلاف به ادارتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پرويز رشيد خلاف ڪارروائي ٿي چڪي آهي.

گهرو وزارت موجب ڊان ليڪس معاملي تي  ڊان اخبار، ان جي ايڊيٽر ۽ رپورٽر وارو معاملو اي پي اين ايس حوالي ٿيل آهي. وفاقي گهرو وزارت چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات جي نتيجي ۾ ڊان ليڪس واري تڪرار جو نبيرو ٿي ويو آهي، ڊان ليڪس رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات جي نتيجي ۾ ڊان ليڪس واري تڪرار جو نبيرو ٿيو. بيان موجب ڊان ليڪس رپورٽ جي روشني ۾  طارق فاطمي کي عهدي تان هٽايو ويو، رائو تحسين خلاف به ادارتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پرويز رشيد خلاف ڪارروائي ٿي چڪي آهي. گهرو وزارت موجب ڊان ليڪس معاملي تي  ڊان اخبار، ان جي ايڊيٽر ۽ رپورٽر وارو معاملو اي پي اين ايس حوالي ٿيل آهي.

نورين لغاري دهشتگرد نه هئي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور

nooren laghari new 2

پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ ايس پي آر يجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس دوران چيو ته، نورين لغاري دهشتگرد نه هئي. نورين لغاري کي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پي ويو پر، آپريشن ڪري کيس دهشتگردن جي چنبي مان آزاد ڪرايو، سندس انٽرويو به ميڊيا تي آيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن ننڍي عمر جي ٻارن کي اغوا ڪري انهن کي دهشتگردي جي تربيت ڏئي کين استعمال ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *