Thursday , March 28 2024

ڊان ليڪس رپور: پاڪ فوج سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون: وزيراعظم نواز شريف _ چوڌري نثار ۽شهباز شريف اڄ جي ايڇ ڪيو ويندا: ذريعا

ch nisar & nawaz

پاڪ فوج پاران ڊان ليڪس رپورٽ بابت جاري ڪيل حڪومتي نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ کانپوءِ جي صورتحال تي غور لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪوٺايل اهم مشاورتي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڊان ليڪس رپورٽ تي پاڪ فوج کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي اهڙو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ٽڪراءَ واري سياست کان پاسو ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ مليل تفصيلن موجب گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ رائيونڊ ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير چوڌري نثار شرڪت ڪئي، اجلاس لاءِ چوڌري نثار، اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي خصوصي طور تي اسلام آباد مان طلب ڪيو ويو، جيڪي خصوصي جهاز تي رائيونڊ پهتا هئا.

اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ سندس ساٿين وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين تازي صورتحال بابت مشاورت ٿي، ذريعن موجب اجلاس ۾ شهباز شريف ۽  حمزه شهباز به شرڪت ڪئي، افهام ۽ تفهيم سان حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته فوج سان معاملا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ چوڌري نثار  شهباز شريف حوالي ڪيو ويو آه.

dawn leaks -notification1

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته چوڌري نثار ۽ شهباز شريف اڄ اسلام آباد پهچندا، جنهن بعد اهي جي ايڇ ڪيو وچ ۾ فوج جي اعليٰ قيادت سان ڊان ليڪس جي رپورٽ ۽ ان بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي اعتماد ۾ وٺندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم کي ڊان ليڪس رپورٽ، نوٽيفڪشن ۽ ان جي رد ٿيڻ کانپوءِ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته ڊان ليڪس رپورٽ تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو ۽  سول ملٽري لاڳاپن کي بهتر بڻايو ويندو. اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ ساٿين اتفاق ڪيو ته جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو، اهو جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ٿيندو، ضرورت پئي ته نظرثاني وارو نوٽيفڪيشن به جاري ٿي سگهي ٿو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان هميشه جمهوريت ۽ قومي مفاد کي مٿانهون رکيو آهي ۽ سمورا فيصلا جمهوريت کي نظر ۾ رکي ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت اڳ به ٽڪراءَ کان پاسو ڪيو آهي، مستقبل ۾ به ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو ويندو، اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم سان شهباز شريف، چوڌري نثار ۽ اسحاق ڊار ڌار پڻ  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عمران خان خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرڻ سميت ٻيا سياسي معاملا غور هيٺ آيا.

هٽايل پي آءِ او پاران ڊان ليڪس رپورٽ کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

dawn leaks -rao tahseenڊان ليڪس انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ وزير اعظم جي حڪمن تي عھدي تان ھٽايل اڳوڻي پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو تحسين انڪوائري رپورٽ جي فيصلن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته ڊان ليڪس انڪوائري ڪاميٽي جي فيصلن کي عدالت ۾ چئلينج ڪندس جنھن لاءِ ڪاميٽي رپورٽ جي ڪاپي جو انتظار آھي، ھن چيو ته منھنجن وڪيلن انڪوائري ڪاميٽي جي  رپورٽ جي ڪلاسيفائيڊ ڪاپي گھري آھي، جيڪا کين اڃا ناھي ملي جيئن ڪاپي ملندي ته عدالت ۾ ويندس، ھن چيو ته ڪاميٽي ذميوارن جو تعين ڪرڻ بنا منھنجي لاءِ سزا ڪيئن تجويز ڪئي آھي؟.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *