Friday , March 29 2024

ڇهين آدمشماري، افغاني ڳڻجي ويا ۽ سنڌ جا خدشا رد

census3

اسلام آبا: شماريات کاتي نئين آدمشماري بابت سنڌ جي خدشن کي رد ڪري ڇڏيو، شماريات کاتي جي چيف آصف باجوا چيو آهي ته ملڪ جي 2017ع ۾ آدمشماري 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 آهي. شهرن کي ڳڻپ لاءِ مختلف بلاڪن ۾ ورهايو ويو هو ۽ افغانين کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪالهه هيڊ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شماريات کاتي جي چيف آصف باجوا چيو ته 1988ع ۾ افغان مهاجرن جي ڳڻپ ڪئمپن ۾ شامل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 2005ع کان افغان پناهگير عام آبادي ۾ شامل ٿي ويا،.

هن ٻڌايو ته آدمشماري واري عمل دوران شهري آبادين کي مختلف بلاڪن ۾ ورهايو ويو هو، جڏهن ته ٻهراڙِي وارن علائقن کي ديهن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، هن چيو ته عبوري نتيجن موجب ملڪ جي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 آهي، هن چيو ته ان ۾ مردن جو تعداد 10 ڪروڙ 64 لک 49 هزار 322 آهي، جڏهن ته عورتن جو تعداد 10 ڪروڙ 13 لک 14 هزار 780 آهي ۽ کدڙن فقيرن جو تعداد 10 هزار 418 آهي، هن ٻڌايو ته 1981ع جي ڀيٽ ۾ ملڪ جي آبادي ۾ اضافو 146.6 سيڪڙو ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته آبادي جي حساب سان پنجاب سڀ کان وڏو صوبو آهي، ان جي آبادي 11 ڪروڙ 12 لک 422 آهي، ٻئي نمبر تي سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 آهي، خيبر پختونخوا جي آبادي 3 ڪروڙ 5 لک 23 هزار 271 ۽ بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 33 لک 44 هزار 408 آهي، ان حساب سان ملڪ جي آبادي ۾ پنجاب جو حصو 53 سيڪڙو، سنڌ 23، خيبرپختونخوا 14.7 آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ آصف باجوا چيو ته سنڌ سميت جن به ڳڻپ تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، اهي صحيح ناهن، ان سڄي عمل ۾ مقامي عملي کي شامل ڪيو ويو هو، شماريات کاتو ته صرف مانيٽرنگ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، هن چيو ته فوجي عملي وٽ به رڪارڊ جي ڪاپي موجود آهي، تنهن ڪري آدمشماري واري عمل ۾ هيراڦيري ڪرڻ وارا الزام درست ناهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *