Saturday , April 20 2024

ڇا پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين به ڦاسندو پيو وڃي؟

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جهانگير ترين جي زمين جي حوالي سان اڃا دستاويز اها شي ثابت نه ٿا ڪن ته هو زمين آباد ڪري ٿو يا قبضو به وٽس آهي؟ ڇا مقاطعي بابت ڪميشن جوڙيون؟ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪالهه عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي جي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي انهي موقعي تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته اسان هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ لک پائونڊ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، عدالت اڳ ۾ چئي چڪي آهي ته رڪارڊ ٽڪرن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته الائي ڪيتريون درخواستون اچي ويون آهن، هاڻ ته اسان کي نمبر به ياد ناهن، پهرين ڪيس ٻڌي وٺون انهي کانپوءِ ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي، جهانگير ترين جي وڪيل سڪندر بشير مهمند چيو ته اسان ليز تي ورتل زمين جا دستاويز چيڪس جي ذريعي جي انهي جي ادائيگي جو رڪارڊ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ارڙهن هزار 566 ايڪڙ زمين رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ آهي، جهانگير ترين زمين ڪٽنب جي مالڪ کان مقاطعي تي ورتي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جهانگير ترين خسرا گرداوري جمع نه ڪرائي آهي انهي مان ئي ثابتي ملي سگهي ٿي، رڳو ليز جو معاهدو ڏيڻ سان سچ سامهون نه ٿو اچي سگهي.

اوهان دستاويزن مان ثابت ڪريو ته انهي زمين تي ڪاشتڪاري اوهان ڪري رهيا آهيو، اسان اهڙي ڪا آبزرويشن نه ٿا ڏيڻ چاهيون؛ جنهن سان جهانگير ترين جو ڪيس متاثر ٿئي. ڇا اوهان چاهيو ٿا ته اسان علائقي جي روينيو آفيسرن کي طلب ڪريون؟ يا اوهان چاهيو ٿا ته علائقي ۾ زمين جي مقاطعي تي ڏيڻ جي مشق کي جاچڻ جي لاءِ ڪميشن جوڙيون؟چيف جسٽس چيو ته ائين نه ٿيندو آهي ته مقاطي جي ادائيگي ڪراس چيڪ ذريعي ڪئي وڃي. جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت پنهنجي تسلي جي لاءِ ڪميشن جوڙڻ گھري ٿي ته ڀلي جوڙي، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي پهرين ڏينهن ئي خبر هئي ته اهڙو ڪو دستاويز ناهي جيڪو اوهان کي هن زمين جو ڪاشتڪار ثابت ڪري، وڪيل چيو ته اها زمين جهانگير ترين ئي آباد ڪري ٿو، ڍل آبيانو به جهانگير ترين ڏي ٿو، چيف جسٽس چيو ته ليز جو معاملو روينيو رڪارڊ ۾ ڇو ناهي؟ انهي تي وڪيل چيو ته زمين جا مالڪ نه ٿا چاهين ته ليز معاهدو روينيو رڪارڊ تي اچي، چيف جسٽس چيو ته اصل معاملو اهو آهي ته اوهان وٽ زمين آباد ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ جو ڪو سرڪاري رڪارڊ موجود ناهي، جسٽس عمر عطا چيو ته ممڪن آهي ته جيڪي چيڪ آهن اهي ڪمند جي ڪريشنگ جي ادائيگي جي لاءِ جاري ڪيا ويا هجن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *