Friday , April 19 2024

ڇا ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهي رهي آهي ؟ – سهيل ميمڻ

اسلام آباد جي فضائن ۾ اڄ ڪلهه ملڪ ۾  هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهڻ جون ڳالهيون زورن تي آهن۔پاڪستان  پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو صاحب جو گذريل هڪ هفتي ۾ ٽي ڀيرا اهو بيان اچي چڪو آهي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قبول نه ڪئي ويندي۔ ان جي پويان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه صاحب جو بيان به سامهون آيو آهي ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قبول ناهي ۔ جيتوڻيڪ مسلم ليگ نون جي پاران ان سلسلي ۾ پارٽي بيان ته ناهي آيو پر وزير اعظم پاڪستان جي تازو لنڊن دوري دوران  ان معاملي تي آيل اهو بيان ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت مسئلي جو حل ناهي صاف ٻڌائي ٿو ته ،  ملڪ ۾  هڪ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺهڻ واري ڳالهين ۾ ڪجهه نه ڪجهه وزن ۽ صداقت ضرور آهي۔

تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ابتدائي طور تي هڪ سال لاءِ اهڙو سيٽ اندو ويندو  ۽ ممڪن آهي ته ان دوران نيب وارن معاملن، ڪرپشن ڪيسن وغيره جي ڪجهه صفائي ٿئي۔ ان سيٽ اپ جو وقت وڌي به سگهي ٿو۔

اهو به ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ان سموري سيٽ اپ جي منظوري موجوده قومي اسيمبلي  مان ئي ورتي ويندي ۔ ان سلسلي ۾ اسيمبلي ۾ موجود پارٽيون صرف ان  نقطي تي اٽڪيل آهن ته جيترو ٿي سگهي وڌ ۾ وڌ اها گارنٽي ڏني وڃي ته سندن  خلاف هٿ هلڪو رکيو يندو۔

مسلم ليگ نواز پاران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت  واري خيال جي مخالفت اڃان ناهي آئي. سندن پاران اهڙي سيٽ اپ آڻڻ جي صورت ۾ کين ڪهڙو رليف ڏنو ويندو اهو معاملو هلندڙ آهي۔ مسلم ليگ  ميان نواز شريف جي  قيادت سندن لاءِ موجوده ڏکي  حالتن ۾ اهڙي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي لاءِ سيٽ اپ جي حامي نظر اچي ٿي جنهن ۾ کين ايترو رليف ملي جو مسلم ليگ هڪ سال يا ٻن سالن بعد ٿيندڙ چونڊن ۾ آزادي سان پنهنجي سڀني ليڊرن سميت  حصو وٺي سگهن. ميان نواز شريف جي پوري ڪوشش آهي ته ڪجهه به ٿئي  مريم نواز کي ڪليئر قرار ڏنو وڃي۔ موجوده سياسي سيناريو ۾ صاف ڏسجي پيو ته معاملا طي ٿيڻ جي صورت ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت لاءِ موجوده اسيمبلي ئي ڪو دڳ ڪڍندي.

اسيمبلي ۾ موجود ايم ڪيو ايم پڻ اهڙي پوزيشن ۾ ناهي ته اها ملڪ جي طاقتور ڌرين پاران ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت يا مزاحمت ڪري سگهي۔ ايئن به  ايم ڪيو ايم هميشه اهڙي ڪنهن  عمل يا فيصلي جي مزاحمت يا مخالفت  ڪئي به آهي ته ڪنهن اصول لاءِ نه پر صرف پنهنجو ريٽ وڌائڻ لاءِ پر هن وقت ته يم ڪيو ايم ريٽ وڌرائڻ جي پوزيشن ۾ به ناهي.

 مولانا فضل الرحمان جي پارٽي  جي پاران ته مخالفت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته سندن پارٽي جو ملڪ جي طاقتور ڌرين سان ڪڏهن به دوري  ناهي رهي.

پيپلز پارٽي لاءِ اها صورت حال وڌيڪ پريشان ڪندڙ ان لاءِ آهي جو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کان هڪ ڀيرو حڪومت هٿن مان نڪتي ۽ ٻيو اهڙو ڪو سيٽ اپ اچي ٿو جيڪو ملڪ جي وڏن معاملن کي ڀل نه ڇيڙي پر پرفارمنس ڏيکارڻ لاءِ ڪرپشن جي واضع ۽ پڌري پٽ پيل معاملن کي ئي رڳو کڻي ٿو ته سنڌ ۾ سندن ڀينگ ٿي ويندي۔ جنهن صوبي ۾ هيپاٽائيٽس جي لاچار مريضن جي  دوائن کي  نه ڇڏين ۽ رڳو ان مرض جي دوائن ۾ ساڍا ٽي ارب رپين جي ڪرپشن هجي ته باقي معاملن جو ڇا حشر هوندو.

پيپلز پارٽي پاران پڻ  ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي مخالفت مزاحمت جي حد تائين نه ويندي ۽ صرف جيترو وڌ ۾ وڌ رليف وٺي سگهن اوتري لاءِ مخالفت   جو راڳ ڳايو ويندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پڻ  ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي مخالفت جو اڃا تائين ڪو موقف سامهون ناهي آيو پر لڳي ٿو اهڙي قسم جي رٿ جي تحريڪ انصاف مخالفت نه ڪندي۔ مسلم ليگ نواز جو چونڊن کان هڪ سال اڳ پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت کان ٻاهر رهڻ  تحريڪ انصاف  لاءِ فائديمند ٿيندو۔ ان ۾ خيبر پختون خواه ۾  سندن حڪومت پڻ ويندي پر ان لاءِ تحريڪ انصاف راضي پئي ڏسجي.

ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ٿيڻ واري سيٽ اپ ۾  پنجاب ، بلوچستان ۽ وفاق ۾ مسلم ليگ جي حڪومت ويندي، خيبر پختون خواه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ويندي ۽ سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ويندي پر اهڙي ڪنهن سيٽ اپ جي خلاف صرف هڪ هفتي ۾ بلاول ڀٽو صاحب جي ٽي ڀيرا ۽  هڪ ڀيروخورشيد شاهه صاحب جي  آيل بيان مان لڳي ٿو ته اهڙي ڪنهن سيٽ اپ تي سڀ کان وڌيڪ تڪليف پاڪستان پيپلز پارٽي کي آهي.

بحرحال ، ملڪ جي مٿين سرڪل ۾  ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم ڪري ڪجهه صفائي ڪرڻ جا معاملا غور هيٺ آهن۔اهڙي رٿ گهٽ ۾ گهٽ  سنڌ جي عوام لاءِ ان ڪري فائديمند ٿيندي جو هڪ ته  ملي ڀڳت واري نگران حڪومت نه  ايندي ، ٻيو ڪرپشن ڪرڻ وارن جي وٺ پڪڙ جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *