Friday , March 29 2024

ڇا سنڌ حڪومت ”پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين“ جا چيئرمين مقرر ڪري سگهي؟

سنڌ حڪومت تيل ۽ گئس ڪمپنين کان مليل 5 ارب 3 ڪروڙ رپيا خرچ نه ڪيا

پنجن سالن کان سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ پيل رقم تي انٽريسٽ واري رقم ڪاڏي وئي؟

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ جي 21 ضلعن ۾ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران مقامي سطح تي ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي گئس فراهم نه ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽس مطابق سنڌ حڪومت هيل تائين، صوبي جي 21 ضلعن مان ڪنهن هڪڙي به ضلعي ۾ ”پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين“ جا چيئرمين مقرر نه ڪري سگهي آهي. ڪميٽين جا چيئرمين مقرر نه ڪرڻ جيڪري حڪومت، 5 ارب 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ واري مليل رقم خرچ ناهي ٿي سگهي. اها رقم خرچ نه ڪرڻ سان سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ خرچ ڪرڻ کانسواءِ 21 ضلعن جي انهن علائقن ۾ بنيادي ترقي لاءِ بهتر ڪم ڪري پئي سگهي ۽ اُهو صرف تڏهن ئي ممڪن هو جو ان لاءِ پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽيون جوڙيون وڃن ها، پر بدقسمتي سان ائين ٿي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ”پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين“ جا چيئرمين مقرر نه ڪرڻ تي به حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار پاران فنڊز فراهم ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت پاران پيٽروليم سوشل ڊيولپمينٽ ڪميٽين جو چيئرمين  مقرر نه ڪرڻ سان به سنڌ حڪومت جي ان معاملي غيرسنجيدگيءَ کي ظاهر ٿئي ٿي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي رويي مان لڳو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جو فيصلو ان لاءِ غير اهم آهي.

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي ناڻي واري وزير جي حيثيت ۾ ڪارڪردگي سواليا بڻيل؟

سنڌ ۾ 2008 کان هيل تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت رهي آهي، جنهن ۾ پهريان 5 سال وفاقي حڪومت به پيپلز پارٽي جي هئي. سنڌ ۾ 2008 کان وٺي ناڻي کاتي جي وزارت سيد مراد علي شاهه وٽ ئي رهي آهي. مراد علي شاهه لاءِ پ پ سميت سندن حمايتي دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته ان جهڙو ٻيو ڪو به اهل ماڻهو ناهي. سندس ڪارڪردگي تيل ۽ گئس ڪمپنين کان مليل رقم جي خرچ نه ٿيڻ ۽ پيٽروليم سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽين جو نه ٺهڻ سندس سموري ڪارڪردگي کي وائکو ڪري ٿو.

تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران سنڌ حڪومت کي مليل ساڍا 5 ارب رپيا ڪاڏي ويا؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *