Wednesday , April 24 2024

چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جو سنڌ جي زراعت ڏانهن رويو انتهائي غير ذميواراڻو آهي: سينيٽ فوڊ ڪميٽي

syed muzafar shah01Rizwan Memon01

اسلام آباد: سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي بابت ڪميٽي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ زرعي صوبو آهي پر افسوس جو صوبي جي چيف سيڪريٽري جو زراعت ڏانهن رويو انتهائي غيرذميواراڻو آهي.

سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي شرڪت نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي کيس ايندڙ اجلاس ۾ هر حال ۾ شريڪ ٿيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته، سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي سنڌ صوبي جي آبادگارن ۽ صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ غير سنجيده قرار ڏيندي ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي شرڪت نه ڪرڻ تي حاصل اختيار استعمال ڪيا ويندا.

سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس، چيئرمين سيد مظفر حسين شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس دوران ڪاميٽي چيئرمين سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي پاسڪو کي سرڪاري زمين ڏيڻ، پاسڪو سان مشاورت کانسواءِ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا سينٽر قائم ڪرڻ بابت لکيل خطن جو جواب نه ڏيڻ، ڪاميٽي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت هجڻ باوجود اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ ڪاميٽي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو.

ڪاميٽي چيئرمين سيد مظفر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن جي سهولتن ۾ واڌ ۽ صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ سنجيده نه آهي، ان ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ته آئين ۾ ڏنل اختيار استعمال ڪنداسين. ڪميٽي چيئرمين ڪڻڪ سوڌو فصلن بابت سيمينار ڪرائڻ بابت مقرر انچارج جي ڪاميٽي اجلاس ۾ عدم شرڪت تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ پيداوار ڪندڙ ضلعن عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ سيمينار ڇو نه ڪيا پيا وڃن، پاسڪو عملدارن ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ مان 96 سيڪڙو ۽ پنجاب مان 79 سيڪڙو ڪڻڪ جي خريداري ڪري چڪا آهيون، سنڌ ۾ هڪ لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ لاءِ باردانو فراهم ڪيو آهي، پنجاب ۾ 7 لک 37 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ لاءِ باردانو ڏنو ويو. ايم ڊي پاسڪو چيو ته سنڌ صوبي ۾ گدامن لاءِ زمين، ڪڻڪ خريداري لاءِ سينٽر جو پاسڪو جي مشاورت کانسواءِ قيام ۽ ڪڻڪ مامري تي ٿيل اجلاس ۾ مامرا حل نه ٿي سگهيا آهن، سنڌ جي فوڊ سيڪريٽري مسئلن جي حل لاءِ تعاون ڪرڻ جو اظهار ڪندي چيو ته پاسڪو کي هر ممڪن مدد ڪنداسين، سنڌ حڪومت ٿر جي هڪ لک 70 هزار خاندانن کي 50 ڪلو في خاندان مفت ڪڻڪ فراهم ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *