Saturday , April 20 2024

چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جو انوکو ڪارنامو،هڪ ضلعي جا ٻه ڊي سي مقرر

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي مقرر تي پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ اٽڪي پيا آهن، چيف سيڪريٽري سخت سياسي دٻاءَ جي نتيجي ۾ هڪ ڊي سي جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ وساري ويٺو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ انوکو ڪارنامو سرانجام ڏئي ورتو آهي. چيف سيڪريٽري ٽنڊو محمد خان ضلعي جا هڪ ئي وقت ٻه ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. چيف سيڪريٽري پاران 24 ڪلاڪن دوران جاري ڪيل ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشنز جاري ڪندي جلد بازي ۾ آصف علي ميمڻ جي ڊي سي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ئي نه ورتو.

هادي بخش زرداري(اڇي ڊريس ۾)

سنڌ جي چيف سيڪريٽري انوکو حڪم ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ 2 ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيا آهن.  28 مئي تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ جي نوٽيفڪيشن مطابق ٽنڊو محمد خان جي ڊي سي هادي بخش زرداري کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي آصف ميمڻ کي نئون ڊي سي مقرر ڪيو ويو. 29 مئي تي هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ آغا عبدالرحيم کي ٽنڊو محمد خان جو ڊي سي مقرر ڪيو ويو. پر چيف سيڪريٽري ٽنڊو محمد خان جي ڊي سي آصف ميمڻ کي بدلي ڪرڻ يا سندس مقرري وارو حڪم واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران آصف علي ميمڻ سان رابطو ڪري سندس مقرري واري نوٽيفڪيشن بابت موقف پڇڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *