Saturday , April 20 2024

چيف جسٽس پاران سينٽرل جيل ڪراچي جو دورو، سزائون مڪمل ڪرڻ باوجود قيد ڪاتيندڙ قيدين جا تفصيل طلب

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڇنڇر ڏينهن شام جو اوچتو، سينٽرل جيل ڪراچي پهچي ويو، جتي هن قيدين کي ملندڙ کاڌي جو معائنو ڪيو ۽ خوراڪ پاڻ چکي ڏٺي، چيف جسٽس جيل اختيارين کان سزائون مڪمل ڪرڻ باوجود قيد ڪاٽيندڙ قيدين ۽ قيدين جي مسئلن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار سينٽرل جيل جي دوري دوران قيدين لاءِ سينٽرل جيل جي دوري دوران، قيدين سان ملاقات ڪري انهن کان سندن مسئلا پڇيا. ان موقعي تي هڪ پيرسن قيدي چيف جسٽس کي ٻڌايو ته، هُو عدالت پاران مليل سزا ڪاٽي چڪو آهي پر اڃا تائين کيس آزاد نه پيو ڪيو وڃي.

ان موقعي تي چيف جسٽس، جيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهڙن سمورن قيدين بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي جيڪي سزا مڪمل ٿيڻ باوجود قيد آهن. سينٽر جيل جي دوري دوران چيف جسٽس، قيدين کي ملندڙ ماني ٽِڪي ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جو به معائنو ڪيو، ان دوران چيف جسٽس قيدين کي ملندڙ کاڌوچيف جسٽس پاڻ چکي ڏٺو. چيف جسٽس قيدين جي مختلف بيرڪن ۾ ويو ۽ قيدين کي ڏني ويندڙ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ قيدين کان سندن اهنجن بابت معلومت ورتي. دوري دوران قيدين چيف جسٽس جي سامهون شڪايتن جا کاتا کولي ڇڏيا، ڪيترين ئي قيدين شڪايت ڪئي ته سزائون پوريون ٿيڻ جي باوجود کيس آزاد نه پيو ڪيو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان جي سزا مڪمل ٿي چڪي آهي ته آزادي ملي ويندي، جسٽس ثاقب نثار جيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته ڪراچي سينٽرل جيل جا انتظام ٻين صوبن کان بهتر آهن، جن قيدين کي ريليف ملي سگهي ٿو انهن جي درخواستن تي فوري عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *